آئين بحال،سٺي حڪمراني،قانون جي عملداري هجي ته جين زي مسئلا پيدا نه ڪندي

اسلام آباد( حبيب اڪرم ) جڏهن کان ڀارت ۾ سي جَي پي يعني ’ڪاڪروچ جنتا پارٽي‘ جي نوجوانن پنهنجو مطالبو مڃرائي اتان جي تعليم واري وزير کي استعفيٰ ڏيڻ تي مجبور ڪيو آهي، تڏهن کان پاڪستان اندر به ان حوالي سان گفتگو شروع ٿي وئي آهي ته جيڪڏهن جين زي  احتجاج ڪندي ته ڇا ٿيندو؟جين زي جو اصطلاح 1997ع کان وٺي 2012ع جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙن لاءِ استعمال ٿئي ٿو. کين جنزي ان ڪري چيو ويندو آهي جو انهن تائين جيڪو علم پهچي رهيو آهي، اهو بغير ڪنهن انساني واسطي جي پهچي رهيو آهي. ۽ انهن جو واسطو موبائل فون ۽ انٽرنيٽ سان پوي ٿو. پاڪستان ۾ جنزيءَ بابت جڏهن به ڳالهه ٿيندي آهي ته چيو ويندو آهي ته "نوجوانن لاءِ تمام گهڻو ڪجهه ٿي رهيو آهي.ڪو چوي ٿو ليپ ٽاپ ڏئي رهيا آهيون، ڪو چوي ٿو اسڪوٽر ڏئي رهيا آهيون، ڇا انهن سان انهن جو گذارو ٿيندو؟ کين ڪو نظام بدلائي ڏيڻو پوندو! آخر ڪهڙو نظام بدلائي ڏيڻو پوندو؟مثال طور محسن نقوي چوي ٿو ته انهن کي نظام بدلائي ڏيو، اهڙو نظام جيڪو تمام تڪڙو  هجي، گڊ گورننس ڏئي، اهڙو موقعو ئي پيدا نه ٿئي  جيئن نيپال،سريلنڪا ۽ بنگلاديش ۾ ٿيو!جين زي کي سڀ کان پهرين ته آزاد ۽ شفاف چونڊون گهرجن،کين اڄ جي دنيا ۾ هڪ آزاد خودمختيار عدليه  گهرجي. ڇو جو پيڪا ايڪٽ ٺاهي کانپوءِ توهان جيڪڏهن  فيس بڪ تي ڪا پوسٽ لڳائي ته  اين سي سي آءِ (جو نوٽيس! اچي وڃي ٿو،گهر تي پوليس چڙهائي ٿي وڃي ٿي، جڏهن توهان جين زي کان ڳالهائڻ جي طاقت به ڦري ورتي آهي، ته پوءِ توهان ان مان ڪهڙي توقع رکو ٿا ته اها توهان سان ڳالهيون يا ڏنڊو کڻندي؟  ظاهر آهي جڏهن توهان مڪالمي جي عادت ئي ناهي وڌي، ڳالهه ڳالهه تي ڏنڊو ۽ هٿوڙو انهن جي مٿي تي قانون جو ڏنڊو وسي پوي ٿو ته پوءِ اهڙي جين زي  (تشدد پسند) نه ٿيندي ته ڇا ٿيندي؟تازو مثال طور آزاد ڪشمير ۾ ماڻهن ڏنو هو، اتي ته ڪا گولي نٿي هلي، پر اهي مظفرآباد اچڻ چاهين ٿا، مظفرآباد اچي ويهڻ چاهين ٿا. آخر ڪهڙو مسئلو آهي؟ اتي کين هلڻ ڇو نٿو ڏنو وڃي؟ ڪهڙي قيامت اچي ويندي اگر اهي مظفرآباد اچي ويهي رهندا؟ ۽ پوءِ اگر اهي 12 سيٽون ختم به ٿي وينديون ته ڪهڙي قيامت اچي ويندي؟ پر انهن کي دهشتگرد ڪوٺيو پيو وڃي،جين زي کي راضي رکڻ لاءِ آئين اصل حالت ۾ موٽائي ڏيو،ته جنزي خطرناڪ نه رهندي، جنزي توهان سان محبت ڪندي! جين زيءَ جي ڳالهه ٻڌي ويندي، ان جي ڳالهين جي روشنيءَ ۾، ان جي مطالبات جي روشنيءَ ۾ ملڪ هڪ نئين سمت اختيار ڪندو ته هي توهان سان محبت ڪندي. نه ته جين زي  هڪ خطرو بڻيل رهندي.

جنزيءَ جو ووٽ پاڪستان اندر 2024ع جو ووٽ هو. جنزيءَ جو اهو ووٽ جيسين موٽائي نه ملندو، توهان جنزيءَ مان سٺيون اميدون نٿا رکي سگهو. جنزي اتي ئي بيھندي جتي پهرين بيٺل هئي.

You might also like