هڪ صفحو ڦاٽي پيو؟ اسٽيبلشمينٽ ۽ سياستدان آمهون سامهون؟

لاهور( سجاد انور )محسن نقوي ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر جي ڪالهوڪن بيانن کانپوءِ  سياسي پارٽيون گڏجي ان جي مزاحمت ڪنديون، ۽ ائين ئي ٿيو. هاڻي ته نون ليگ به اسٽيبلشمينٽ سان ”هڪ صفحي“کي ڦاڙي هڪ طرح سان کلي ۽ سامھون اچي وئي آهي، راڻا ثناءُالله محسن نقويءَ کي مخاطب ٿيندي سخت ڳالهيون ڪيون، اهڙي طرح سيد مراد علي شاهه به چيو ته محسن نقويءَ جي نون صوبن يا نون انتظامي يونٽن جي تجويز تمام پراڻي ۽ پٽيل تجويز آهي. ٻئي طرف ’اسٽيبلشمينٽ اليون ۾ شامل محسن نقوي، عليم خان، مصطفيٰ ڪمال نون انتظامي يونٽس جي حق ۾ آهن. موجودہ هائبرڊ نظام لاءِ هڪ تمام وڏو خطرو  پيدا ٿي ويو آهي،ن ليگ جيڪو ردعمل ڏنو آهي ان مان صاف نظر اچي رهيو آهي ته اگر اسٽيبلشمينٽ جي ايجنڊا  سان مسلم ليگ (ن) متفق ناهي واضح لفظن ۾. پيپلز پارٽي ته اڳ  ئي متفق ناهي.ان جو مطلب ته هڪ صفحو ڦاٽي پيو آهي هي هاڻي هڪ عارضي بندوبست هوندو. اڄ کان پوءِ جو مسلم ليگ (ن) ۽ اسٽيبلشمينٽ جو گڏجڻ ان ئي قسم جو مجبوريءَ جو ساٿ هوندو. اهو جيڪو هڪ جذبو هو ته وزيراعظم چيف آف ڊفينس فورس جي تعريف ڪري رهيو آهي هر مرحلي تي، ۽ چيف آف ڊفينس فورس حڪومت جي تعريف ڪري رهيو آهي، ڊي جي آءِ ايس پي آر حڪومت جي تعريف ڪري رهيو آهي ته اسان ته وزيراعظم جي حڪمن موجب هي سڀ ڪجهه ڪري رهيا آهيون.، اهو جذبو اڄ کان سمجھو ته ختم ٿي ويو!ٻئي پاسي اسٽيبلشمينٽ اليون جا ته اڃا تمام گهڻا رانديگر خاموش آهن. فيصل واوڊا اڃا تائين مارڪيٽ ۾ ناهي آيو، ان جي طوفاني تقرير اچڻ واري آهي. فيصل واوڊا پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي ووٽن سان کٽيل آهي. هو ڪوشش ڪري ٿو ته پيپلز پارٽيءَ خلاف ڳالهه نه ڪري، پر هاڻي شايد کيس ڪرڻي پوندي. محسن نقوي جنهن کي زرداري جو پٽ قرار ڏنو پئي ويو، هاڻي هو چڱيءَ طرح چيف آف ڊفينس فورس جي انتهائي ويجھو سمجهيو وڃي ٿو ۽ هو طاقت جي علامت سمجهيو وڃي ٿو، هو به هڪ موڙ تي پيپلز پارٽيءَ خلاف بيهندو.ٻئي پاسي مسلم ليگ (ن) پاران تمام گهڻا ماڻهو اڃا سامھون آيا آهن، ڪجهه ٻيا سامھون ايندا. تمام گهڻا جيڪي انهن جا باغي ٽائيپ ماڻهو هئا جن کي خاموش ڪرايو ويو هو، اهي سڀ ڳالهائڻ شروع ڪندا. ويڙهه  ته کلي سامھون اچي وئي! ۽ اهڙي طرح پيپلز پارٽيءَ وارا چون ٿا ته عدم استحڪام  ته توهان پاڻ رکيو آهي ان نظام اندر، ته سسٽم ڪيئن هلي سگهي ٿو يا سسٽم ڪيئن مضبوط ٿي سگهي ٿو؟ ڇا 2-3 سالن کان پوءِ توهان  کي هڪ حڪومت کي گھر موڪلڻو هوندو آهي؟فيلڊ مارشل ۽ سندس ٽيم جو خيال هيءُ آهي ته وٽن هيءَ هڪ نادر موقعو آهي. انڊيا کي شڪست ڏني آهي، آمريڪا اسان سان گڏ بيٺو آهي، عرب ملڪ اسان سان گڏ آهن، چين سان شاندار تعلقات آهن… ان موقعي تي به اگر توهان فيلڊ مارشل  جي شخصيت ذريعي ملڪ جي قسمت تبديل نه ڪئي ته پوءِ ڪڏهن ڪندؤ؟ انهن جو هيءُ تصور آهي.جڏهن ته اسٽيبلشمينٽ پاران نوان صوبا ٺاهڻ،معيشت ٺيڪ ڪرڻ،اختيارن جي هيٺين سطح تي منتقلي جا سڌارا پنهنجي جڳهه تي سٺا خيال آهن، انهن مان ڪجهه تي ڪم ٿيڻ گهرجي. پر سياستدانن ان کي گذريل رات کان ‘سول-ملٽري ويڙهه’ ۾ بدلائي ڇڏيو آهي هاڻي هڪ طرف اسٽيبلشمينٽ آهي، ٻئي طرف سياسي پارٽيون!جڏهن ته صدر ۽ وزيراعظم ٻئي مفاهمت پسند آهن پر فيلڊ مارشل  هاڻي انهن جي ڪنهن لولي پاپ ۾ اچڻ نه چاهيندو يا هن سامھون هڪ واضح ايجنڊا آهي ته "مون کي  هيءُ ڪرڻو آهي،ان کي نه زرداري نه ئي نوازشريف روڪي سگهندو، تجزئي نگارنجم سيٺيءَ ۽ ڪجهه ٻين تجزئي نگارن جو به هيءُ خيال آهي ته صوبن جي تجويز تي شايد اسٽيبلشمينٽ نظرثاني ڪري وٺي. جڏهن ته اين ايف سي ايوارڊ ۽ ڪئنالن جي معاملي تي اسٽيبلشمينٽ پڪو پهه ڪري ورتو آهي،  پر ڪئنالن واري معاملي تي  سنڌ ايڪٽو ٿي چڪي آهي هي صوبن کان به وڌيڪ ڏکيو ڪم آهي، ٻئي پاسي  ريڊ لائينز ته ڪافي ڪراس ٿي چڪيون آهن جڏهن اداري جو هڪ ذميوار ماڻهو، هو چوي ٿو ته "هيءَ جمهوريت ڊرامو آهي، هتي خانداني بادشاهت قائم آهي،ان ڪري انتظامي نظام کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان لاءِ مريم ، بلاول ڀٽو، سياسي پارٽين کي به ڪردار ادا  ڪرڻ گهرجي.

You might also like