سڀني کي کلائيندڙ خالد نظامي، اسان کي روئاري هليو ويو

ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي

ڪي ملاقاتون وقت جي دفتر ۾ رڳو داخل ئي  ناهن ٿينديون، پر اهي  سڄي ڄمار لاءِ دل جي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ روشن رهنديون آهن. ۲ سال اڳ پي ٽي وي جي سالگرهه جي حوالي سان پھرين نومبر کان ڇويهه نومبر تائين روزانو هڪ ڪلاڪ جي لائيو ٽرانسميشن "سفر محبتون ڪا” جي عنوان هيٺ ڪئي سين ته ان ۾ پي ٽي ويءَ جي هڪ هاڪاري ۽ عهد ساز فنڪار خالد نظاميءَ کي به گهرايو سين. هو بيمار هجڻ جي باوجود به خوشي سان هليو آيو. سندس جسم بيحد نٻل هو، پر سندس آواز ۾ اهو ئي ميٺاج، لهجي ۾ اهو ئي وقار ۽ يادداشت ۾ پي ٽي ويءَ جي سنهري دور جي سڄي تاريخ آباد هئي. هن پنهنجي فني سفر، موسيقيءَ سان عشق، پي ٽي ويءَ سان تعلق ۽ بدلجندڙ ثقافتي منظرنامي تي اهڙو ته ڳالهايو جو لڳو ته هڪ پورو دؤر پنهنجي  اسان جي آڏو ويهي پنهنجو داستان پاڻ ٻڌائيندو هجي.

  پروگرام ختم ٿيو ته هو منهنجي ڪمري ۾ اچي ويٺو. مون کيس چيو ته توهان جو ڪمپوز ڪيل اهو لازوال گيت ٿا ٻڌون ، جيڪو اسد محمد خان لکيو هو ۽ جنهن کي روبينا بدر پنهنجي موهيندڙ آواز ۾ امر ڪري ڇڏيو هو. ” تم سنگ نينان لاگي، مانين نهين جيارا“  جيئن ئي ڪمپيوٽر جي اسڪرين تي هلڻ شروع ٿيو ته خالد نظامي ماٺ ٿي ويو. سندس پنبڻيون آليون ٿي ويون ۽ اکين ۾ ورهين جون يادون لهي آيون. ڪجهه لمحن کان پوءِ جڏهن اهو گيت پورو ٿيو تـ هن پنهنجيون اکيون اگهندي جهيڻي آواز ۾ چيو، ”هڪ ڏينهن اسان ڪونه هونداسين، پر اسان جو ڪم ماڻهن جي  دلين ۾ ضرور جيئرو رهندو.“

  ڪو فنڪار جسماني طور هن دنيا ۾ ناهي رهندو، پر اهو پنهنجي فن جي ڪري ذهن ۽ دل ۾ سدائين سمايل پئي رهندو آهي ۽ پوءِ جڏهن به ماضيءَ جو ڪو جهوٽو ايندو آهي ته اهو پنهنجي ڪنهن مرڪ، ڪنهن ڊائلاگ، ڪنهن ڪردار، ڪنهن گيت، ڪنهن منظر يا وري ڪنهن ياد جي صورت ۾ اسان جي آڏو اچي بيهندو آهي. پر ڪي شخصيتون اهڙيون به هونديون آهن، جن جي وڇوڙي جي خبر ٻڌندي ئي ايئن لڳندو آهي ڄڻ اسان جي ٻالڪپڻ جو  هڪ ڪمرو هميشه لاءِ بند ٿي ويو هجي، ڄڻ گهر جي ڀت تي ٽنگيل هڪ پراڻي پر ملهائتي تصوير اوچتو لهي وئي هجي ۽ ڄڻ شام ٽاڻي ٻرندڙ ڪو ڏيئو ماٺ ميٺ ۾ أجهامي ويو هجي.

29 جولاءِ 2026ع به اسان جي فن ۽ ثقافت جي تاريخ جو هڪ اهڙو ئي ڏکوئيندڙ ڏينهن بڻجي ويو، جڏهن خبر آئي ته خالد نظامي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. اها رڳو هڪ خبر ڪو نه هئي، پر اها لکين دلين لاءِ هڪ وڏو صدمو هئي، جن ورهين جا ورهيه سندس فن سان گڏ زندگيءَ جا ڪي سهڻا پل پهر گهاريا هئا. اهو چهرو جيڪو ڪڏهن مرڪون ونڊيندو هو، سو ماٺ ٿي ويو هو. اهو آواز جيڪو ٽهڪن جو ڪارڻ بڻيو هو، سو هميشه لاءِ بيهجي ويو هو.

بيشڪ ته فنڪار جو بدن مٽيءَ جو کاڄ  بڻجي ويندو آهي، پر سندس فن ماڻهن جي يادن ۾ ساهه کڻندو رهندو آهي. خالد نظامي به اهڙن ڀاڳوند فنڪارن ۾ شامل آهي، جنهن پنهنجي سڄي ڄمار خوشيون ورهائيندي گذاري. اهو ئي سبب آهي جو سندس لاڏاڻي تي رڳو ان جو ڪٽنب صدمي ۾ ناهي، پر اهو پورو نسل به بيحد ڏکارو آهي، جنهن پي ٽي ويءَ جي سونهري دور کي پنهنجي اکين سان ڏٺو هو.

  خالد نظامي 28 جولاءِ 1947ع تي اتر هندستان جي سهڻي شهر مسوري (ضلعو ديرادون، رياست اتر کنڊ) ۾ ڄائو هيو. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کانپوءِ سندس خاندان ڪراچي لڏي آيو. وڏو ٿيو ته هن پهريين ڪراچي گرامر  اسڪول ۽ پوءِ وري اسلاميه ڪاليج ڪراچيءَ مان تعليم پرائي. هن سورنهن سترنهن سالن جي ڄمار ۾ شوبز جي دنيا ۾ پير ڌريو  جڏهن ته  1970ع ۾ پي ٽي ويءَ ڪراچي مرڪز تان پنهنجي فني سفر جو يادگار سفر شروع ڪيو. هن پي ٽي وي جي ڪيترن ئي لازوال ڊراما سيريليز ۾ پنهنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا. جن ۾  ’شهزوري‘، ’انڪل عرفي‘ ۽ ’ان ڪهي‘ تمام گهڻا مشهور ٿيا.  ان ڪهي ڊرامي ۾ سندس نڀايل ڪردار ’سراج‘ اڄ به ڏسندڙن جي حافظي ۾ تازو آهي. ان ڊرامي ۾ سراج جي ڪردار کي  جنهن ڪمال خوبيءَ  ۽ اعليٰ مهارت سان ادا ڪيو، سو وسرڻ جوڳو ڪونهي،  خاص ڪري سندس معصوم اندار ’ٿوئي‘ (ٿُڪ اڇلائڻ)  ڏاڍو مقبول ٿيو. فن سان سندس جنون ۽ عشق جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته خالد نظامي  پنهنجي ڪردار کي  سگهارو بڻائڻ لاءِ ڪنهن به حد تائين هليو ويندو هو. هڪ ڊرامي ۾ کيس ريڙهيءَ واري جو هڪ مزاحيه ڪردار ادا ڪرڻو هو جيڪو سندس لاءِ ڪو ڏکيو ڪم بنهه  ڪونه هو. پر ريهرسل کان اڳ هن ڊرامي جي پروڊيوسر کان ڪلاڪ سوا جي موڪل ورتي ته صدر ۽ پي آءِ بي ڪالوني جو چڪر لڳائي اچان سبب پڇيو ويو ته  چيائين ته ريڙهي وارن جي آوازن، لهجن ۽ هلت جو جائزو وٺي اچان ته جيئن پرفيڪٽ پرفارمنس ڏئي سگهان تنهن ڪري ڪنهن به ڊرامي ۾ سندس موجودگي ڊرامي جي هر ڏيک کي جيئرو ڪري ڇڏيندي هئي. سندس باڊي لئنگويج، ڊائلاگن جي ادائيگي، چهري جا تاثر ۽ بي ساختگي ٻين کان نرالو ڪري بيهاريندي هئي.

ڪاميڊي دنيا جو  شايد سڀ کان ڏکيو ڪم آهي، روئارڻ  ڪي قدر سولو آهي،پر ماڻهن کي فضليت سان کلائڻ، کيس چند گهڙين لاءِ ڏکن ڏوجهرن کان آجو ڪرڻ، سندن دلين تان بار هلڪو ڪرڻ ۽ ذهن کي سڪون ڏيڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ڪونهي. خالد نظاميءَ  اها اوکي واٽ ورتي ۽ پوءِ سڄي ڄمار ان تي وڏي شان مانَ  سان هلندو رهيو. ڪاميڊي سندس آڏو ماڻهن کي کلائڻ جو ذريعو ڪونه هئي، پر هڪ نفيس فن هئي، جنهن ۾ شائستگي به هئي، تهذيب به هئي، پيغام به هو ته انسان دوستي پڻ .

 اڄ جي گوڙ شور ۾ شايد اها ڳالهه گهٽ ماڻهن کي ياد هوندي ته اصل ڪاميڊي اها ٿيندي آهي، جنهن ۾ ڪنهن جي عزت مجروح نه ٿئي، ڪنهن تي چٿر نه هجي ۽ پوءِ به ماڻهو ٽهڪ ڏيندي نه ٿڪجن. خالد نظامي ان روايت جو امين هيو.

  خالد نظامي کي ننڍپڻ کان ئي موسيقيءَ سان لڳاءُ هيو. هن "سفر محبتون ڪا” ۾ ٻڌايو ته "منهنجي امڙ رشيده نظامي پنهنجي دور جي سٺي ليکڪا هئي، پر کيس موسيقي جو ڏاڍو شوق هوندو هيو. کيس ستار سيکارڻ لاءِ هڪ استاد اسان جي گھر ايندو هيو. تڏهن مان اٺ سالن کن جو هئس. پر مان سندن سنگت ۾ ويھي موسيقيءَ جي الف – ب سکي ورتي.” مطلب ته ننڍپڻ کان ئي موسيقي سندس رڳن ۾ ڊوڙڻ شروع ڪيو هيو. هو موسيقيءَ جي دنيا جو هڪ خاموش معمار هيو، جنهن ڌنن، سرن ۽ سازن جي ذريعي پنهنجي هڪ ڌار سڃاڻپ ٺاهي ورتي. سندس شخصيت ۾ موسيقيءَ جون ڪيتريون ئي ڌارائون سمايل هيون، پاڻ هڪ  بهترين پرفارمر هئڻ سان گڏ هڪ ماهر موسيقار پڻ هيو. کيس مختلف ساز وڄائڻ تي عبور حاصل هيو. ستار، طبلو، پيانو، اڪارڊين ۽ گٽار جهڙا ساز سندس آڱرين جي ڇهاءُ سان ڳالهائڻ لڳندا هئا. موسيقي سندس لاءِ تفريح نه پر، دل جو آواز هئي. اهو ئي سبب آهي جو سندس تخليق ڪيل ڌنن ۾ خاص جذبو، هڪ ميٺاج ۽ هڪ  دلبراڻو احساس موجود آهي.

  خالد نظامي جو فلمي سفر به سندس فني زندگيءَ جو هڪ روشن ۽ يادگار باب آهي. جيتوڻيڪ سندس اصل سڃاڻپ پي ٽي ويءَ جي هڪ مقبول فنڪار واري هئي، پر جڏهن هن وڏي پردي جو رخ ڪيو ته اتي به هن پنهنجي بي مثال اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاري اهو ثابت ڪيو ته حقيقي فنڪار ڪنهن به ميڊيم جو محتاج ناهي هوندو. جواني ديواني، حقيقت، پهچان، سورج ڀي تماشائي ۽ زنجير جهڙين فلمن ۾ هن نه رڳو سنجيده ڪردارن کي زبردست وقار ۽ گهرائي سان نڀايو، پر مزاحيه ڪردارن ۾ پڻ پنهنجي شاندار اداڪاري، ٺاهوڪن ڊائلاگن ۽  فطري انداز سان ڏسندڙن جون دليون موهي ورتيون. سندس هر ادا ۾ سادگي، رواني ۽ ڪردار سان مڪمل نڀاءُ نظر ايندو هيو. انهن خوبين کيس فلمي دنيا ۾ به مانائتو رتبو عطا ڪيو هيو. فلمن ۾ سندس موجودگي فلم ڏسندڙن لاءِ رڳو هڪ ڪردار کي ڏسڻ جو نه، پر  هڪ اهڙي فنڪار سان ملاقات جو احساس هوندي هئي جيڪو هر منظر ۾ زندگي جي ڌڙڪ اوتي ڇڏيندو هيو. اهو ئي سبب آهي خالد نظاميءَ جون فلمي خدمتون به پاڪستاني سينما جي يادگار روايت جو املهه سرمايو سمجهيون وڃن ٿيون ۽ سندس اداڪاري اڄ به فلم جي شوقينن جي ذهن ۾ تازي آهي.

  جڏهن اسڪرين جو پردو ڪرندو آهي ته ڏسندڙ تاڙيون وڄائي گهر موٽي ويندا آهن، پر هڪ فنڪار پنهنجي ڪردار سان اتي ئي رهجي ويندو آهي. خالد نظامي به ورهين تائين ٽي وي ۽ فلم جي ان پردي تي جيئرو رهيو. هن لکين چهرن تي مسڪراهتون وکيريون، ڏکويل دلين کي ڪجهه لمحن لاءِ خوشي عطا ڪئي ۽ پنهنجي فن کي ڪاروبار نه، پر عبادت سمجهيو، پر وقت هڪ ڏينهن ان لاءِ به ”آخري پردو“ ڪيرائي ڇڏيو. فرق رڳو ايترو آهي ته هن ڀيري اسٽيج جون روشنيون اجهاڻيون، ڪئميرائون خاموش ٿيون، تاڙيون بيهجي ويون ۽ هڪ اڇي ڪفن ان فنڪار کي پاڻ ۾ ويڙهي ڇڏيو، جنهن سڄي ڄمار روشنين ۾ گذاري هئي.

  اڄ خالد نظامي سچ به اسان جي وچ ۾ ڪونهي، پر سندس آواز، سندس ٺاهيل ڌنون، سندس اداڪاري ۽ سندس مسڪراهٽ اڄ به جيئري آهي. شايد اها ئي هڪ سچي فنڪار جي معراج هوندي آهي ته هو اسڪرين جي پردي تان لهي ڀُونءَ جي پردي ۾ ته هليو ويندو آهي، پر ماڻهن جي دلين جي پردي تي هميشه لاءِ نقش ٿي ويندو آهي. خالد نظامي جو آخري پردو ته ڪري چڪو آهي، پر سندس ڪردار، سندس موسيقي، سندس مرڪن ۽ محبتن جو ڊرامو ڪڏهن به ختم ڪونه ٿيندو. وقت جي اسٽيج تي سندس لاءِ تاڙيون شايد خاموش ٿي ويون هجن، پر دلين جي دنيا ۾ انهن جو پڙاڏو سدائين باقي رهندو.

پنهنجي ڪمري جي ٻاهران ڀت تي لڳل خالد نظاميءَ جي تصوير ائين ٿو لڳي ڄڻ پي ٽي ويءَ جي عمارت جي اسٽوڊيوز ڏانهن ويندڙ خاموش ڪوريڊور ۾ شام لهي آئي هجي. روشنيون هاڻي به ٻري رهيون آهن، ڪئميرائون به موجود آهن، اسٽوڊيوز به آباد آهن، پر هڪ ڄاتل سڃاتل ٽهڪ، هڪ من موهيندڙ مسڪراهٽ ۽ هڪ مانائتي فنڪار جي موجودگي هاڻي تاريخ جو حصو بڻجي چڪي آهي.  الوداع خالد نظامي !  تو ماڻهن کي کلايو، پر اڄ تنهنجي وڇوڙي اسان کي روئاري ڇڏيو آهي. تون هن فاني دنيا مان هليو ته ويو آهين، پر ملڪ جي ثقافتي حافظي، پي ٽي ويءَ جي سونهري تاريخ جي ورقن ۽ پنهنجن چاهيندڙن جي دلين ۾ سدائين جيئرو رهندين.

You might also like