اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وفاقي بجيٽ 2026-27 ۾ پينشنرز جي پينشن ۾ 7 سيڪڙو واڌ جو باقاعده اعلان ٿيڻ باوجود، پهرين آگسٽ تي سڄي ملڪ جي لکين رٽائرڊ ملازمن کي وڌايل رقم نه ملي سگهندي ۽ کين اڳوڻي شرح موجب ئي پينشن ادا ڪئي ويندي.
ذريعن موجب، دير جو بنيادي سبب اهو آهي ته پينشن ۾ واڌ بابت نوٽيفڪيشن ادائيگي کان رڳو ٻن ڏينهن اڳ، مطلب29 جولاءِ تي جاري ڪيو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته محدود وقت سبب بئنڪن لاءِ نئين شرح موجب ادائيگين جو ڊيٽا وقت سر اپڊيٽ ڪرڻ ممڪن نه ٿي سگهيو.
جيتوڻيڪ، سيپٽمبر ۾ پينشنرز کي وڌايل پينشن بقايا رقم سميت ادا ڪئي ويندي.
ٻئي پاسي، ادائيگي ۾ دير ۽ حاضر سروس ملازمن جي ڀيٽ ۾ پينشنرز کي لاڳيتو گهٽ رليف ملڻ سبب پينشنرز ۾ ڳڻتي جي لهر پکڙيل آهي.