موسميات کاتي جي اڳڪٿي، ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ گجگوڙ سان مينهن پوندو!

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)موسميات کاتي ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ اڄ گجگوڙ سان برسات پوڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.

موسميات کاتي موجب، ڏکڻ مڌيه پرديش مٿان موجود هوا جو شديد گهٽ دٻاءُ وڌيڪ ڪمزور ٿي ويو آهي ۽ هاڻي اهو واضح گهٽ دٻاءُ جي صورت ۾ راجسٿان ويجهو موجود آهي.

کاتي موجب، ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران اهو موسمي سسٽم وڌيڪ ڪمزور ٿي سگهي ٿو. هن سسٽم جي اثر هيٺ عربي سمنڊ ۽ خليج بنگال مان مون سون جون هوائون ملڪ جي اترين ۽ وچ وارن علائقن ۾ داخل ٿي رهيون آهن، جڏهن ته اولهه کان ايندڙ هوائن جو سلسلو به ملڪ جي اترين علائقن تي اثرانداز ٿي رهيو آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته هن سسٽم جي اثر هيٺ ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، مٺي، سانگهڙ، حيدرآباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ 3 آگسٽ تائين وقفي وقفي سان برسات پوڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب، ڪراچي ۾ اڄ منجهند يا شام کان وٺي 3 آگسٽ تائين برسات پوڻ جو امڪان آهي. شهر ۾ هلڪي کان وچولي شدت جي برسات، جڏهن ته مضافاتي علائقن ۾ ڪن هنڌن تي تيز برسات ٿي سگهي ٿي.

کاتي خبردار ڪيو آهي ته تيز برساتن سبب سکر، شهيد بينظير آباد ۽ حيدرآباد جي هيٺاهين وارن علائقن ۾ شهري ٻوڏ جو خدشو آهي، جڏهن ته بدين، سانگهڙ، خيرپور، مٽياري، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ٽنڊو محمد خان ۽ ٽنڊوالهيار ۾ پڻ شهري ٻوڏ جو خطرو موجود آهي.

موسميات کاتي موجب، تيز برسات، سخت هوائن ۽ وڄ ڪرڻ سبب ڪمزور اڏاوتن کي نقصان پهچي سگهي ٿو، جڏهن ته هارين کي صلاح ڏني وئي آهي ته هو موسمي حالتن کي نظر ۾ رکندي پنهنجي زرعي سرگرمين جي رٿابندي ڪن.

You might also like