اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)ايل اين جي (LNG) جي قيمت ۾ تاريخ جو سڀ کان وڏو اضافو ڪيو ويو آهي.
اوگرا پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، جولاءِ لاءِ ايل اين جي جي وڪرو واري قيمت ۾ في ايم ايم بي ٽي يو 6.45 آمريڪي ڊالر جو اضافو ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، سوئي ناردرن سسٽم تي ايل اين جي جي وڪرو واري قيمت 25.83 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو، جڏهن ته سوئي سدرن سسٽم تي 25.80 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي وئي آهي.
رپورٽن موجب، وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال باوجود پاڪستان کي قطر کان ايل اين جي جو نئون ڪارگو ملي ويو.
وچ اوڀر ۾ وڌندڙ تڪرار سبب پاڪستان کي جولاءِ دوران اسپاٽ مارڪيٽ مان ايل اين جي جا پنج مهانگا ڪارگو خريد ڪرڻا پيا، جنهن جي نتيجي ۾ جون جي ڀيٽ ۾ جولاءِ لاءِ ايل اين جي جي وڪرو واري قيمت ۾ وڏو اضافو ٿيو آهي.