لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستاني ٽي وي ميزبان مٿيرا چيو آهي ته اسان پنهنجي معاشري ۾ مردن کي مشين بڻائي ڇڏيو آهي.
تازو هڪ انٽرويو دوران مٿيرا زندگي جي مختلف پهلوئن سان گڏ مردن ۽ عورتن بابت به خيالن جو اظهار ڪيو.
انٽرويو دوران هن مردن جي حمايت ڪندي چيو ته اسان جي معاشري ۾ مردن سان گهڻي ناانصافي ٿيندي آهي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪا عورت ڪنهن مرد بابت چئي ڇڏي ته هن مون کي هٿ لاتو آهي ته ماڻهو بنا حقيقت ڄاڻڻ جي ان مرد تي حملو ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا ۽ اهو به نه پڇندا ته واقعي اهڙو واقعو پيش آيو به هو يا نه.
مٿيرا چيو ته اسان مردن کي رڳو ذميوارين جو بار کڻندڙ مشين بڻائي ڇڏيو آهي. مردن جي جذبن ۽ احساسن کي اهميت نٿي ڏني وڃي، مٿن لاڳيتو ذميواريون وڌيون وڃن ٿيون، جنهن سبب هو ذهني ۽ جذباتي طور ٿڪجي پوي ٿو ۽ پوءِ نه سٺو پيءُ، نه سٺو ڀاءُ ۽ نه ئي سٺو مڙس بڻجي سگهي ٿو، جنهن جو اثر سندس سمورن لاڳاپن تي پوي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته اسان جي معاشري ۾ ڪيترائي مرد ڊپريشن جو شڪار آهن، پر هو پنهنجا احساس ڪنهن سان ونڊي نٿا سگهن. هو پنهنجي دوستن جي محفل ۾ به نٿا چئي سگهن ته اڄ سندن دل ڏاڍي ڏکي آهي.