سوشل ميڊيا جي غلط استعمال تي ڪارروائي ٿيندي: آءِ جي سنڌ

حيدرآباد(رپورٽر) آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو چيو آهي ته سنڌ ۾ اغوا جون وارداتون ختم ٿي ويون، آپريشن نجات مهراڻ ۾ 51 ڌاڙيل ماريا ويا، 580 ڏوهارين سرينڊر ڪيو آهي، قانون جي دائري ۾ قبيلائي تڪران جي خاتمي لاءِ فيصلا به ڪرايون پيا، هن وقت تائين 38 قبيلائي تڪرار ختم ٿي چڪا آهن، پريا ڪماري ۽ اُجالا پروين سميت ٻين ٻارڙن جي اغوا وارو معاملو انتهائي اهم آهي، پريا ڪماري بابت پهريون ڀيرو اعليٰ سطحي جي آءِ ٽي جوڙي آهي، الله ڪندو هن ڪميٽي سان ڪو رستو نڪري ايندو، آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ هڪ خانگي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي چيو ته حڪومت ڏوهارين کي اِي ٽيگ لڳائڻ واري پروگرام جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ان سان ڏوهاري ٻيهر ڪا ورادات ڪندو ته بچي نه سگهندو، ڪراچي ۾ موبائل فونز جي ڦر جي واقعن کان سواءِ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ گهٽتائي ٿي آهي، ڀتي جي شڪايتن تي به ايڪشن کنيو آهي، اڪثر شڪايتن پٺيان ڪاروباري معاملا هجن ٿا، سوشل ميڊيا جي غلط استعمال تي ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جعلي صحافين خلاف پريس ڪلبن سان گڏجي ڪم ڪيو ويندو، سنڌ ۾ نوگو ايرياز ناهن، منشيات جي خاتمي لاءِ انٽيليجنس ادارن کي مدد ورتي آهي، هن چيو ته جنوري مهيني کان ڏوهارين خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو آهي،حيدرآباد سهڻن ماڻهن جو سهڻو شهر آهي، شهر ۾ اپر سنڌ جيان سنگين ڏوهه ناهن، ڏوهاري يا ته هٿيار ڦٽا ڪن يا زندگي تان هٿ کڻن، جعلي صحافين جي سڃاڻپ ۽ انهن خلاف قانوني قدم کڻڻ لاءِ ميڊيا جي ادارن ۽ پريس ڪلبن سان گڏجي ڪم ڪنداسين، اميد آهي ته هي قدم ذميوار صحافت جي تحفظ، جعلي صحافين جي خاتمي ۽ سوشل ميڊيا جي ذميواراڻي استعمال کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.

You might also like