سمارٽ ڪلائيميٽ بجيٽنگ: پاڪستان ۾ گرين فنانس جي فن تعمير کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ

(منهنجي مرحوم والد جسٽس (ر) سيد علي اسلم جعفري جي پياري ياد ۾، جن جي تعليم ۽ رهنمائي مون کي اهو بڻايو جيڪو مان اڄ آهيان. جيتوڻيڪ هو هاڻي اسان ۾ نه رهيو آهي، پر سندس دعائون ۽ نيڪ تمنائون مون تي چمڪنديون رهنديون)

پاڪستان کي 2030 تائين موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ تقريبن 348 ارب ڊالر جي مالي کوٽ کي منهن ڏيڻو آهي. هن وڏي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ، ضروري آهي ته ملڪ جي مالي نظام کي جديد گهرجن مطابق ٻيهر منظم ڪيو وڃي. ان مقصد تحت، پاڪستان روايتي بجيٽ جي طريقي کان اڳتي وڌندي آهي ۽ هڪ ڊجيٽل، خودڪار ۽ ڊيٽا تي ٻڌل گرين فنانس سسٽم متعارف ڪرائڻ جي وک وڌائي ڪري رهيو آهي. هن نظام ۾، ڪلائيميٽ بجيٽ ٽيگنگ (Climate Budget Tagging – CBT) کي وفاقي پبلڪ فنانشل مئنيجمينٽ  (PFM) جو حصو بڻايو پيو وڃي ته جيئن موسمياتي منصوبن لاءِ رکيل فنڊن جي صحيح استعمال کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ غير ضروري خرچن جي روڪٿام ٿي سگهي. هن جديد نظام تحت موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ رکيل هر روپيو حقيقي وقت ۾ نگراني ڪرڻ، تصديق ۽  قومي موسمياتي هدفن مطابق نظر رکي ڪري سگهبو، جنهن سان شفافيت، اثرائتي نگراني ۽ وسيلن جي بهتر استعمال کي هٿي ملندي.

ٻئي طرف،  (آرٽيفيشل انٽيليجنس – AI) پڻ موسمياتي بجيٽنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. دنيا جي ڪيترن ئي ترقي يافته ملڪن ۾، حڪومتون، ڪاروباري ادارا ۽ ٻيون تنظيمون موسمياتي ڪاررواين لاءِ مالي وسيلن جي اثرائتي منصوبابندي ۾ AI جو فائدو وٺي رهيون آهن. AI وڏي مقدار ۾ موجود ڊيٽا جو تجزيو ڪري انهن علائقن جي نشاندهي ڪري ٿو جيڪي موسمياتي تبديلي جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي سگهن ٿا، ته جيئن فنڊ کي ترجيحي بنيادن تي مختص ڪري سگهجي جتي انهن جي تمام گهڻي ضرورت هوندي آهي. ان کان علاوه،  AI  مستقبل جي خطرن جي اڳڪٿي ڪرڻ، وسيلن جو اثرائتي استعمال، منصوبن جي نگراني ۽ جائزو، ڪاربن جي اخراج جو تجزيو ۽ قدرتي آفتن کان اڳ بهتر تياري، جهڙن اهم شعبن ۾ اثرائتي مدد پڻ فراهم ڪري ٿو  جنهن سان موسمياتي منصوبابندي وڌيڪ اثرائتي، شفاف ۽ بهتر نتيجن تي ٻڌل بڻجي ويندي آهي.

 سڄي دنيا ۾ پائيدار مالياتي نظام تيزي سان ڊجيٽل ٽيڪنالاجي ڏانهن وڌي رهيو آهي، ۽ پاڪستان پڻ انهيءَ عالمي لاڙي سان هڪ آواز ٿي رهيو آهي. انهيءَ مقصد لاءِ، مصنوعي ذهانت (AI)، ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ، بلاڪ چين، بگ ڊيٽا ۽ ايپليڪيشن پروگرامنگ انٽرفيس (APIs)  جهڙي جديد ٽيڪنالوجيز کي مالياتي نظام جو حصو بڻايو پيو وڃي. ان ٽيڪنالاجي جو بنيادي مقصد ماحولياتي، سماجي ۽ گورننس (ESG) معيارن تي عملدرآمد کي خودڪار انداز ۾ يقيني بڻائڻ،ان جي نگراني ڪرڻ ۽ حقيقي وقت (Real-Time) ۾ انجي تصديق ڪرڻ آهي. ڪولمبيا، انڊونيشيا ۽ ڏکڻ آفريڪا جهڙن ڪيترن ئي اڀرندڙ ملڪن ثابت ڪيو آهي ته مالي نظام ۾ ڊجيٽل گرين درجه بندي جي نفاذ سان عالمي سيڙپڪارن کي شفاف ۽ قابل اعتماد ڄاڻ فراهم ٿيندي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ جي مالي خطرن ۾ پڻ نمايان گهٽتائي اچي ٿي. پاڪستان ۾ هن جديد نظام جو بنياد پاڪستان گرين درجا بندي (PGT)  آهي، جيڪو اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان (SBP) ۽ موسمياتي تبديلي جي وزارت (MoCC) جي اڳواڻي ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي. هي نظام خاص ايپليڪيشن پروگرامنگ انٽرفيس (APIs)  ذريعي  ڪمرشل بينڪنگ جي شعبي ۾ ماحولياتي معيارن کي هڪجهڙائي ۽ اثرائتي انداز ۾ لاڳو ڪري ٿو. هن ڊجيٽل سسٽم ذريعي، بينڪن جي ڪارپوريٽ قرض پورٽ فوليو جو خودڪار جائزو ورتو ويندو آهي، مختلف اثاثن کي گرين، ٽرانزيشنل (عبوري) يا ريڊ درجي ۾ درجه بندي ڪئي ويندي آهي، ۽ اهڙي شفاف ۽ تصديق ٿيل معلومات فراهم ڪئي ويندي آهي جيڪا ماحولياتي ڪوڙن دعوائن يا گرين واشنگ جي مبالغي کي مؤثر طريقي سان روڪڻ ۾ مدد ڪري ٿي.

ڊجيٽل پبلڪ رڪارڊ جي قيام ذريعي پاڪستان پاڻ کي بين الاقوامي ماحولياتي، سماجي ۽ گورننس  (ESG) سيڙپڪاري لاءِ هڪ پرڪشش منزل جي طور تي اڳيان آڻي رهيو آهي. ان مقصد لاءِ، وزارت خزانه جو سورين سسٽينيبل فنانسنگ فريم ورڪ (SFF) مستند ۽ تصديق جوڳي ڊيٽا جي بنياد تي جديد مالي ذريعا متعارف ڪرائي رهيو آهي. انهن ۾ روايتي ۽ اسلامي فنانشل انسٽرومينٽس شامل آهن، جن ذريعي ماحول دوست، سماجي ۽ پائيدار ترقياتي منصوبن لاءِ سيڙپ فراهم ڪئي ويندي آهي. اهي سڀئي منصوبا پاڪستان جي حڪومت جي قومي موافقتي منصوبي، (National Adaptation Plan)، قومي موسمياتي تبديلي جي پاليسي، نيشنل ڊيٽرمنڊڪنٽريبيوشنز (NDCs) ۽ قومي ڪلائنمينٽ فنانس حڪمت عملي مطابق ترتيب ڏنا ويا آهن. ڊجيٽل ٽريڪنگ ۽ نگراني جي نظام جي سبب عالمي سيڙپڪاري ادارا واضح طور تي ڏسي سگهن ٿا ته انهن جي سيڙپڪاري ڪيتري حد تائين ماحول تي مثبت اثر وجهي رهي آهي. ان سان نه فقط شفافيت ۾ اضافو ٿيندو آهي،  پر پاڪستان ۾ عالمي سيڙپڪارن جو اعتماد کي به مضبوط ٿئي ٿو.

پاڪستان موسمياتي تبديلي متعلق اسلامي مالي نظام کي مؤثر طريقي سان استعمال ڪري رهيو آهي ته جيئن روايتي سرڪاري فنڊنگ تي انحصار گهٽ ڪندي ماحول دوست بنيادي ڍانچي جي تعمير ۾ نجي ادارن جي سيڙپڪاري کي فروغ ڏئي سگهجي ان جي هڪ چٽي مثال پاڪستان حڪومت پاران جاري ڪيل 32 ارب رپين جو گرين سڪوڪ (Green Sukuk) آهي، جنهن ذريعي حاصل ٿيندڙ فنڊز کي قانوني طور تي  صرف اهم موسمياتي موافقتي منصوبن جهڙوڪ گاروڪ، نئين گاج ۽ شگار ٿنگ منصوبن لاءِ رکيا ويا آهن. ملڪ جي سطح تي اها اڳڀرائي بين الاقوامي ڪاميابين کي پڻ پورو ڪري ٿي، جنهن ۾ واپڊا پاران لنڊن اسٽاڪ ايڪسچينج تي جاري ڪيل 500 ملين آمريڪي ڊالر ماليت جو ”انڊس بانڊ“ هڪ اهم مثال آهي. هي وکون ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهن ته هڪ شفاف، تصديق جوڳو ۽ ڊجيٽل ڊيٽا تي ٻڌل مالي نظام نه صرف سيڙپڪارن جو اعتماد وڌائي ٿو پر مشڪل معاشي حالتن ۾ به پاڪستان لاءِ عالمي ماحولياتي، سماجي ۽ گورننس (ESG) سيڙپڪاري جا دروازا کولڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.

هاڻوڪي ڏينهن ۾ وفاقي ڪابينا پاران تازو منظور ٿيل ڪاربن مارڪيٽ پاليسي رهنما اصول ملڪ ۾ مقامي ڪاربن قيمت ۾ تعين (Carbon Pricing)  ۽ هڪ خودڪار قومي اخراجي رجسٽري  (National Emissions Registry) جي قيام لاءِ رستو هموار ڪري رهيا آهن. پيرس معاهدي جي آرٽيڪل 6 تحت، هي نظام مقامي منصوبابندي ڪندڙن کي ماحولياتي خدمتن جي مالي قدر جو تعين ڪرڻ ۽ انهن  کي ڪاربن مارڪيٽ ذريعي معاشي موقعن ۾ تبديل ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪندو. هن تبديلي کي ڪاميابي سان نافذ ڪرڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ اثرائتي هڪجهڙائي آهي، ته جيئن انهن ڊجيٽل معيارن کي ايندڙ سڀني سرڪاري ترقياتي منصوبن جو باقاعده حصو بڻائي سگهجي. آخرڪار، پبلڪ فنانشل مئنيجمينٽ ايڪٽ (PFM Act) ۽ پاڪستان گرين ريٽنگ (PGT)  جو باهمي انضمام رڳو پاڪستان لاءِ نه پر موسمياتي تبديلي کان متاثر ٻين ترقي پذير ملڪن لاءِ پڻ هڪ قابل عمل نمونو بڻجي سگهي ٿو. هي ماڊل ثابت ڪري ٿو ته ادارتي شفافيت، جديد ڊجيٽل نظام ۽ اثرائتي مالي حڪمراني ذريعي بين الاقوامي ڪاربن مارڪيٽن ۽ قرض جي شعبن ۾ موجود سيڙپڪاري جي فرق کي ڪاميابي سان ڀري سگهجي ٿو.

You might also like