آزاد ڪشمير جي چونڊن جي پهرئين مرحلي کانپوءِ پاڪستان جي ٻن وڏين اتحادي پارٽين، پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن)، وچ ۾ پيدا ٿيل لفظي جنگ رڳو چونڊ نتيجن تائين محدود نه لڳي رهي آهي، پر اها وفاقي سياست، عدالتي معاملن، طاقت جي توازن، اتحادي حڪومت جي مستقبل لاڳاپيل حساس سوالن تائين پهچندي نظر اچي رھي آهي. ظاهر ۾ اهو تڪرار ڪشمير جي چونڊن بابت نظر اچي ٿو، پر جيڪڏهن سياسي منظرنامي کي چشمو پائي گهري نظر سان ڏٺو وڃي ته ان جا پاڇا اسلام آباد جي اقتدار، وفاقي اتحاد، عدالتي مقررين ۽ مستقبل جي سياسي صف بندين تائين پکڙيل نظر اچن ٿا.
مظفرآباد جي جلسي ۾ بلاول ڀٽو زرداري جو اهو چوڻ ته”پيپلز پارٽي جو مقابلو اهڙي جماعت سان آهي، جيڪا ڌانڌلي جي پيداوار آهي ۽ فارم 47 کان سواءِ هڪ به چونڊ نٿي کٽي سگهي”، جنھن کي تجزيا نگار سڌو سنئون مسلم ليگ (ن) جي سياسي جواز تي حملو تصور ڪن ٿا هن نه رڳو وفاقي حڪومت جي قانوني حيثيت تي سوال اٿاريا آھن پر پنجاب حڪومت کي به ساڳئي تنقيدي دائري ۾ آڻي بيھاري کڙو ڪيو آھي . ان سان گڏ سندس اهو اعلان ته”هر چوري ٿيل سيٽ واپس وٺنداسين” واضح پيغام آھي ته پيپلز پارٽي ڪشمير جي چونڊ نتيجن کي آسانيءَ سان قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ان کان به وڌيڪ سياسي اهميت بلاول جي اُن جملي کي ملي ٿو جنهن ۾ هن اشارتن چيو آھي ته جيڪڏهن کيس بينظير ڀٽو واري جمهوري سياست ڪرڻ نه ڏني وئي ته پوءِ هو آصف علي زرداري جو پٽ هجڻ سان گڏ مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ مير شاهنواز ڀٽو جو ڀاڻيجو پڻ آهي. بعد ۾ هن ان جي وضاحت ڪندي چيو ته سندس خطاب ڪنهن اداري نه پر رياست ڏانهن هو، پر سياست ۾ ڪيترائي ڀيرا وضاحت کان وڌيڪ اصل جملو بحث جو مرڪز بڻجي ويندو آهي.
ان تي ڪجهه سوال گردش ڪن ٿا بلاول کي اوچتو پنهنجي مامن جي سياسي ورثي جو حوالو ڏيڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي؟ مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ مير شاهنواز ڀٽو پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ مزاحمتي علامتن طور سڃاتا وڃن ٿا. ڊگهي عرصي تائين پيپلز پارٽي جي مرڪزي قيادت، خاص طور آصف علي زرداري ۽ پوءِ بلاول، انهن نالن کي پنهنجي سياسي بيانيي ۾ نمايان جاءِ ناھي ڏني. ايتري قدر جو ڪيترن مبصرن اهو به نوٽ ڪيو ته پ پ اڳ اهڙي بيانن کان پاسو ڪندي رھي آھي ان پسمنظر ۾ بلاول جو اوچتو اهو حوالو ڏيڻ ڪيترن سياسي سوالن کي جنم ڏئي ٿو.
ڪجهه ڏينهن اڳ تائين لڳي رهيو هو ته پيپلز پارٽي وفاقي اتحاد ۾ پنهنجي روايتي برداشت واري حڪمت عملي تي عمل ڪري رهي آهي، پر هاڻي صورتحال تبديل ٿيندي محسوس ٿي رهي آهي. ايم ڪيو ايم جي مختلف ڌڙن جي ٻيهر سرگرمي، سنڌ حڪومت تي مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن جون مسلسل تنقيدون، نيب جي سرگرمين ۾ تيزي ۽ مختلف سياسي اشارا اهو تاثر ڏين ٿا ته ٻنهي اتحادي پارٽين وچ ۾ بي اعتمادي وڌي رهي آهي.
حقيقت اها به آهي ته شهباز شريف جي حڪومت عددي لحاظ کان پيپلز پارٽي جي پارلياماني حمايت کان سواءِ مڪمل سياسي استحڪام حاصل نٿي ڪري سگهي. اهڙي صورتحال ۾ سوال پيدا ٿئي ٿو ته جيڪڏهن حڪومت کي پنهنجي اتحادي جي حمايت جي ضرورت آهي ته پوءِ ٻنهي ڌرين وچ ۾ عوامي سطح تي اهڙي تيز بيان بازي ڇو وڌي رهي آهي؟ ڇا اها رڳو چونڊ مهم جو حصو آهي يا ان جي پويان وڌيڪ گهرا سياسي اختلاف موجود آهن؟
آزاد ڪشمير جي چونڊ مهم دوران ٻنهي پارٽين وچ ۾ ڇڪتاڻ آهستي آهستي وڌندي رهي آھي ساڳي وقت نواز شريف جو بيان هي ڪشمير آهي، ڪشمور ناھي ” وارو جملو ظاهري طور سياسي طنز هو، وري جواب ۾ بلاول ڀٽو جو چوڻ "ڪشمير هجي يا ڪشمور، ميرپور هجي يا ميرپورخاص، عوام پنهنجن حقن تي سوديبازي قبول نه ڪندو” بلاول اھو چئي ميدان کي وڌيڪ گرم ڪري نئون رخ ڏنو آھي ان سان گڏ پيپلز پارٽي مسلم ليگ (ن) تي الزام لڳايو آھي ته ترقياتي اعلانن ۽ سرڪاري وسيلن جي استعمال جي ذريعي چونڊ عمل تي اثرانداز ٿيڻ جي غير آئيني ڪوشش ڪئي آھي. غيرحتمي نتيجن موجب پهرئين مرحلي ۾ مسلم ليگ (ن) کي واضح برتري ملي، پر پيپلز پارٽي انهن نتيجن کي مڪمل طور قبول ڪرڻ بدران ڌانڌلي جا الزام ورجايا. اهڙي ريت چونڊن بابت اختلاف هاڻي ٻن سياسي بيانين جي جنگ ۾ تبديل ٿي چڪو آهي.
ٻئي طرف، سياسي حلقن ۾ عدالتي مقررين بابت به بحث جاري آهي. مختلف ميڊيا رپورٽن موجب پيپلز پارٽي کي پنهنجي تجويز ڪيل ڪجهه ججن جي نالن کي نظرانداز ڪرڻ تي خدشا آهن. انهن رپورٽن موجب صدر آصف علي زرداري ان معاملي تي ناراض آهن، جڏهن ته اصل حقيقت ڪھڙي آھي پر ان متعلق ڪجهه تبصري نگار سندن ڪراچي ۾ وڌيڪ وقت گذارڻ کي به سياسي ناراضگي سان ڳنڍي ڏسن ٿا. بھرحال انهن دعوائن جي سرڪاري سطح تي ڪابه تصديق موجود ناهي،گھٽ گھٽ وفاقي وزير داخلا محسن نقوي جو ڪراچي اچي صدر آصف علي زرداري سان ملڻ جيڪو بظاھر ملڪي امن امان بابت خيالن جي ڏي وٺ ظاھر ڪئي وئي اندروني طور مٿين ناراضگي تي ڪنھن ٽيا ڪڙي جو حصو ته ناھي ان کي به رد نٿو ڪري سگھجي جيئن سياسي بحثن ۾ اهي موضوع نمايان آهن. پيپلز پارٽي جي قيادت جو موقف رهيو آهي ته عدليا ۾ سندن تجويز ڪيل نمائندگي کي ماضي ۾ به مناسب اهميت نه ملي. بينظير ڀٽو جي دور کان وٺي عدالتي مقررين بابت پيدا ٿيندڙ تڪرارن جا حوالا اڄ به سياسي بحث جو حصو بڻجن ٿا. اهڙي تاريخي پسمنظر سبب موجوده اختلافن کي صرف هڪ انتظامي معاملو سمجهڻ شايد مڪمل تصوير پيش ڪرڻ نه سمجھيو ويندو.
ساڳئي وقت ميڊيا ۾ اهو به رپورٽ ٿي رهيو آهي ته آئيني معاملن، خاص طور ارڙهين ترميم ۽ ٻين تجويز ڪيل آئيني تبديلين بابت پيپلز پارٽي تي سياسي دٻاءُ وڌي رهيو آهي. انهن تجزين موجب پيپلز پارٽي اهو محسوس ڪري رهي آهي ته اتحادي هجڻ باوجود ان جي بنيادي سياسي خدشن کي مڪمل اهميت نٿي ملي. ٻئي پاسي انهن دعوائن بابت حڪومت يا لاڳاپيل ڌرين جي واضح تصديق سامهون نه آئي آهي. انهن سڀني واقعن کي گڏ ڪري ڏٺو وڃي ته تصوير رڳو ڪشمير جي چونڊن تائين محدود نٿي رهي. اها وفاقي اتحاد جي اندر وڌندڙ بي اعتمادي، طاقت جي ورهاست، عدالتي معاملن، سنڌ ۽ پنجاب جي سياسي مقابلي ۽ مستقبل جي سياسي حڪمت عملين جو گڏيل منظر پيش ڪري ٿي.
پيپلز پارٽي لاءِ اصل امتحان اهو آهي ته ڇا اها وفاقي حڪومت جي حمايت جاري رکندي پنهنجي سياسي سڃاڻپ ۽ بيانيي کي به برقرار رکي سگهي ٿي يا نه ٻي طرف مسلم ليگ (ن) کي به اهو طئي ڪرڻو پوندو ته ڇا اها اتحادي پارٽي سان مستقل سياسي محاذ آرائي ڪندي حڪومت کي مستحڪم رکي سگهندي.
في الحال هڪ ڳالهه واضح نظر اچي ٿي ته ڪشمير جي چونڊن مان شروع ٿيل هي سياسي ڇڪتاڻ هاڻي پاڪستان جي قومي سياست جي وڏي بحث ۾ تبديل ٿي چڪي آهي. ايندڙ هفتن ۾ جيڪڏهن اختلاف گهٽائڻ لاءِ اعليٰ سطح تي رابطا نه ٿيا ته لڳي ٿو اهو تڪرار صرف بيانن تائين محدود نه رهندو، پر وفاقي اتحاد جي استحڪام، قانونسازي، عدالتي معاملن ۽ ايندڙ سياسي صف بندين تي به سڌو اثر وجهي سگهي ٿو. ان ڪري موجوده صورتحال کي صرف چونڊ مهم جي روايتي گرماگرمي سمجهڻ شايد سياسي حقيقتن کي ھلڪو ڪرڻ جي برابر هوندو.