اسلام آباد (ويب ڊيسڪ (نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ڪويت جي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابر الاحمد الصباح سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران علائقائي ۽ عالمي معاملن سميت ٻطرفن لاڳاپن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، ٻنهي اڳواڻن پرڏيهي کاتي ۾ وفدن جي سطح تي ٿيندڙ ڳالهين جي گڏيل صدارت ڪئي.
پڌرائي موجب، پاڪستان ۽ ڪويت وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي مختلف رخن جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته واپار، سيڙپڪاري، توانائي، افرادي قوت، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، صحت، کاڻن جي کوٽائي، معدنيات، دفاع ۽ وسيع اقتصادي ڀائيواري ۾ سهڪار وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي طريقن تي اتفاق ڪيو ويو.
ٻنهي ڌرين اعليٰ سطحي رابطن ۽ باظابطا وفدن جي مٽاسٽا ذريعي ٻطرفي سهڪار کي وڌيڪ ادراتي شڪل ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.
ملاقات دوران وچ اوڀر ۽ فلسطين سميت علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ڪويتي پرڏيهي وزير علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي به ساراهيو.
You might also like