چنيوٽ ۾ اسٽيل مل منصوبي لاءِ سروي تيز، هزارين گهر، اسڪول ۽ مسجدون متاثر ٿيڻ جو خدشا

چنيوٽ (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي ضلعي چنيوٽ ۾ تجويز ڪيل اسٽيل مل منصوبي لاءِ سرڪاري سروي تيز ٿيڻ کانپوءِ مقامي رهواسين ۾ بيچيني وڌي وئي آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي ماڻهن کي پنهنجي گهرن ۽ زمينن کان محروم ٿيڻ جو خدشو آهي.
رهواسين موجب، سرڪاري ٽيمون گهر گهر وڃي زمين، گهرن، ڪمرن ۽ رهواسين بابت ڄاڻ گڏ ڪري رهيون آهن.
ڪيترن ئي رهواسين جو چوڻ آهي ته کين ٻڌايو ويو آهي ته علائقي ۾ اسٽيل مل قائم ڪرڻ لاءِ سروي ڪئي پئي وڃي.
ياد رهي ته 2015ع ۾ حڪومت چنيوٽ جي علائقي رجوعا ۾ لوهه ۽ ٽامي جا وڏا ذخيرا دريافت ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن کانپوءِ هتي اسٽيل مل لڳائڻ جي رٿا سامهون آئي هئي.
پنجاب منرل ڪمپني (پِي ايم سِي ) سروي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته منصوبي بابت مقامي ماڻهن جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويندا.
مقامي وڪيل اورنگزيب ملڪ دعويٰ ڪئي آهي ته نئين تجويز هيٺ اٽڪل 7 هزار گهر، 12 اسڪول، 15 مسجدون، امام بارگاهون ۽ 4 قبرستان متاثر ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته متاثر ٿيندڙ علائقن ۾ حڪيم ڪالوني، ٺٽو موچيان، شاهنواز ڪالوني، پير خان شاهه بخاري، محلا چاهه جهانگيري، جنازه گاهه روڊ، جهنگ روڊ ۽ محلا نور والا شامل آهن.
هن چيو ته جيڪڏهن اسٽيل مل لڳائڻي ئي آهي ته آبادي بدران زرعي علائقي ۾ قائم ڪئي وڃي ته جيئن هزارين ماڻهن کي لڏپلاڻ نه ڪرڻي پوي.
ٻئي پاسي پي ايم سي سان لاڳاپيل ماهر ارضيات حيدر نياز جو چوڻ آهي ته چنيوٽ ۾ 26 ڪروڙ ٽن لوهه ۽ 90 لک ٽن ٽامي جا ذخيرا موجود آهن، جڏهن ته منصوبي جي شروعاتي لاڳت هڪ ارب ڊالر کان وڌيڪ آهي.
هن چيو ته هن وقت منصوبي جي فزيبلٽي اسٽڊي جاري آهي، جڏهن ته اسٽيل مل قائم ڪرڻ لاءِ اڳ ۾ حاصل ڪيل 107 ايڪڙ کانسواءِ وڌيڪ 600 ايڪڙ ۽ کاڻ جي کوٽائي لاءِ واڌو زمين جي ضرورت پوندي.
پي ايم سي جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن منصوبو اڳتي وڌيو ته متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي منتقلي ۽ معاوضي بابت مناسب رٿابندي ڪئي ويندي ۽ مقامي رهواسين جا خدشا به نظر ۾ رکيا ويندا.

You might also like