”ڪپتان صاحب! ميچ توهان کي کٽرائڻي هئي، ٽيل اينڊرن کي نه“ ويسٽ انڊيز هٿان شڪست تي مداح بابر اعظم تي ڏمريل

ٽرينيڊاڊ (ويب ڊيسڪ) ويسٽ انڊيز پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستان کي 90 رنسن تان شڪست ڏئي ٻن ٽيسٽن تي ٻڌل سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي.
ٽروبا جي برائن لارا اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ويسٽ انڊيز ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪندي پهرين اننگز ۾ 311 رنسون ٺاهيون.
شاءِ هوپ 92 ۽ ڪيويم هوج 84 رنسن سان نمايان رهيا، جڏهن ته پاڪستان طرفان محمد علي 4 ۽ محمد عباس 3 وڪيٽون ورتيون.
جواب ۾ پاڪستان پنهنجي پهرين اننگز ۾ 282 رنسون ٺاهي سگهيو. شان مسعود 109 رنسن جي شاندار سينچري ۽ امام الحق 63 رنسون ٺاهيون، پر پاڪستاني مڊل آرڊر هڪ ڀيرو ٻيهر ناڪام رهيو.
ويسٽ انڊيز جي جسٽن گريوز پنج وڪيٽون ورتيون.
ٻي اننگز ۾ ويسٽ انڊيز 181 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جتي محمد عباس 5 وڪيٽون حاصل ڪري بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪيو.
پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 211 رنسن جو هدف مليو، پر ٻي اننگز ۾ سڄي ٽيم 120 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
ڪپتان بابر اعظم 58 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيو، جڏهن ته محمد عباس 23 رنسون ٺاهي ٻيو ٽاپ اسڪور رهيو.
ويسٽ انڊيز طرفان جيڊن سيلز شاندار بالنگ ڪندي 20 رنسون ڏئي 5 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته ڪيمار روچ ۽ جسٽن گريوز ٻه، ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.
جسٽن گريوز کي آل رائونڊ ڪارڪردگي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
ميچ کانپوءِ پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم چيو ته آخري ڏينهن بيٽنگ يونٽ مڪمل طور ناڪام رهيو ۽ هڪ پٺيان ٻي وڪيٽ وڃائڻ سبب ميچ هٿن مان نڪري ويو. هن چيو ته ٽيم ان ڪمزوري تي ڪم ڪري رهي آهي.
ٻئي پاسي سوشل ميڊيا تي ڪجهه ڪرڪيٽ تجزئي نگارن بابر اعظم جي بيٽنگ کي ساراهيو، جڏهن ته ڪجهه سندس ٽيل اينڊرن کي وڌيڪ اسٽرائيڪ ڏيڻ واري حڪمت عملي تي تنقيد ڪئي.
ڪرڪيٽ تجزيي نگار ۽ انگن اکرن جي ماهر مظهر ارشد چيو ته ”بابر اعظم ڏکئي پِچ تي بهترين اننگز کيڏي، جنهن سان سندس اعتماد وڌندو، پر کيس ٽيل اينڊرن کي وڌيڪ اسٽرائيڪ ڏيڻ بدران پاڻ وڌيڪ بال کيڏڻ گهرجن ها“.
اڳوڻي فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽر ماجد مجيد جو چوڻ هو ته” جيڪڏهن بابر اعظم شروعاتي بالن تي سنگلز نه وٺي ها ته پاڪستان سولائيءِ سان ٽي وڪيٽن تان ميچ کٽي سگهي ها.“
ڪرڪيٽ تجزيي نگار ڊاڪٽر نعمان موجب” پاڪستان اصل ۾ تڏهن ميچ هارائي ويٺو هو، جڏهن ويسٽ انڊيز جي آخري ٽن بيٽرن ٻي اننگز ۾ 60 اهم رنسون ٺاهيون.“
ڪرڪيٽ ڪامينٽيٽر عاطف نواز جو چوڻ هو ته ”بابر کي وڌيڪ بالن کيڏڻ گهرجن ها، پر پاڪستان جي شڪست جو اصل ڪارڻ اهو نه هو، پر ٽاپ آرڊر جي ناڪامي ذميوار هئي.“
تجزيي نگار ساجد صادق طنزيه انداز ۾ لکيو ته ”جڏهن محمد عباس توهان جي ٽيم جو ٻيو سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ بيٽر هجي ته پوءِ سمجهي وڃو ته ٽيم ۾ ڪجهه نه ڪجهه ضرور غلط آهي.“
هڪ واهپيدار لکيو ته ”جڏهن توهان جا ست رانديگر آئوٽ ٿي چڪا هجن ۽ ٽيم جو سڀ کان اهم بيٽر، جيڪو ڪپتان به هجي، ڪريز تي موجود هجي ته سندس ذميواري هوندي آهي ته وڌ کان وڌ اسٽرائيڪ پاڻ وٽ رکي. پر لڳي ائين رهيو هو ڄڻ ڪپتان صاحب! کي اها خبر ئي نه هئي ته ميچ کيس کٽرائڻي آهي، ٽيل اينڊرن کي نه. هو هر اوور جي پهرين يا ٻي بال تي سنگل وٺي اسٽرائيڪ ٽيل اينڊرن ڏانهن منتقل ڪندو رهيو.“

You might also like