سنڌ ۾ طوفاني چوماسي اسپيل جي اڳڪٿي، ڪراچي سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ شهري ٻوڏ جو خطرو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي مختلف شهرن ۾ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان برساتن ۽ شهري ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي.
موسميات کاتي موجب بنگالي نار ۾ موجود هوا جو گهٽ دٻاءُ وڌيڪ سگهارو ٿي ڊيپ ڊپريشن جي صورت اختيار ڪري ويو آهي، جيڪو هن وقت ڀارت جي اوڙيسا ۽ ڇتيس ڳڙهه وارن علائقن تي اثرانداز آهي.
موسميات کاتي موجب، 31 جولاءِ کان 2 آگسٽ تائين سنڌ جي مختلف علائقن ۾ انڌاري، گجگوڙ ۽ کنوڻ سان برساتن جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، بدين، سجاول، ٺٽو، ٽنڊو محمد خان، حيدرآباد، مٽياري، ڄامشورو، نوابشاهه، نوشهروفيروز ۽ دادو ۾ مِينهَن جو امڪان آهي.
ان کانسواءِ جيڪب آباد، شڪارپور، سکر، گهوٽڪي، ڪشمور، لاڙڪاڻو ۽ ڪراچي ۾ به تيز هوائن، گجگوڙ ۽ کنوڻ سان برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته 31 جولاءِ کان 2 آگسٽ دوران سکر ۽ شهيد بينظير آباد جي هيٺاهين علائقن ۾ شهري ٻوڏ جو خدشو آهي، جڏهن ته جيڪب آباد، قمبر شهدادڪوٽ، شڪارپور، بدين، حيدرآباد، مٽياري، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ٽنڊو محمد خان ۽ دادو ۾ به شهري ٻوڏ جو امڪان موجود آهي.
موسميات کاتي موجب، عربي سمنڊ ۽ بنگالي نار مان ايندڙ چوماسي هوائن جي ملڪ جي مٿاهين ۽ وچولن علائقن ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته اولهندي هوائن جو هڪ ٻيو سلسلو به ملڪ جي اترين علائقن تي اثرانداز ٿي رهيو آهي.

You might also like