اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف ايندڙ چار سالن (2027ع کان 2030ع) لاءِ حج پاليسي پيش ڪندي چيو آهي ته هيءَ ملڪ جي تاريخ ۾ پهرين ڊگهي مدي واري حج پاليسي آهي، جنهن جو مقصد حج انتظامن کي وڌيڪ شفاف، جديد ۽ عالمي معيار موجب بڻائڻ آهي.
هن بريفنگ دوران چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي خاص هدايتن تي ٽيڪنالاجي ۽ شفافيت کي نظر ۾ رکندي گڏيل ۽ عمل جوڳي حج پاليسي تيار ڪئي وئي آهي.
سردار محمد يوسف موجب، نئين پاليسي تحت پهريون ڀيرو رجسٽريشن ۽ ويٽنگ لسٽ جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته سرڪاري ۽ نجي حج اسڪيم جو 60 ۽ 40 سيڪڙو ڪوٽا برقرار رهندي.
هن چيو ته حج درخواستن لاءِ 10 سيڪڙو ادائيگي تي به پانڌيئڙن کي فهرست ۾ شامل ڪيو ويندو، جڏهن ته پاڪستان ۽ سعودي عرب ۾ سڀ خريداريون شفاف طريقي سان ڪيون وينديون. رهتون ادا ٿيڻ کانپوءِ بقايا رقم پانڌئيڙن کي واپس ڪئي ويندي.
وفاقي وزير موجب، نجي حج ڪمپنين جي رجسٽريشن ۽ نگراني رڳو ڪوٽي بدران ڪارڪردگي جي بنياد تي ڪئي ويندي، جڏهن ته پانڌئيڙن جي شڪايتن جي ترت ازالي لاءِ ڊيجيٽل شڪايت ۽ اپيل سسٽم به متعارف ڪرايو ويندو.
هن وڌيڪ چيو ته حجاج محافظ اسڪيم برقرار رهندي ۽ پانڌيئڙن جي تربيت کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو ويندو.
سردار محمد يوسف ٻڌايو ته نئين حج پاليسي سعودي ويزن 2030 تحت تيار ڪئي وئي آهي، جڏهن ته حج پيڪيج جو امڪاني خرچ 12 کان 13 لک رپين جي وچ ۾ هوندو.
هن چيو ته حج ڪوٽي ۾ واڌ يا گهٽتائي جو اختيار رڳو وفاقي ڪابينا وٽ هوندو.
You might also like