ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار ٽائيگر شروف مشهور فٽبال ٽورنامينٽ ڊيورنڊ ڪپ ۾ فٽبالر طور پنهنجي ڊيبيو لاءِ تيار آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ٽائيگر شروف جون فٽبال کيڏندي وڊيوز سوشل ميڊيا تي اڪثر وائرل ٿينديون رهيون آهن، جن ۾ کيس وڏي مهارت سان راند کيڏندي ڏٺو ويو آهي.
رپورٽن موجب، فٽبال سان سندس جنون سبب هاڻي هو باظابطا هڪ پروفيشنل ٽيم جو حصو بڻجڻ وارو آهي.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ممبئي ايف سي ٽائيگر شروف کي ڀارت جي قديم ۽ اهم فٽبال ٽورنامينٽ ڊيورنڊ ڪپ جي اسڪواڊ ۾ شامل ڪري ورتو آهي.
ٽائيگر شروف هن وقت ممبئي ايف سي سان گڏ تربيت حاصل ڪري رهيو آهي ۽ امڪان آهي ته هو ٽيم جي گروپ مرحلي جي آخري ميچ ۾ 30 جولاءِ تي شيلانگ ۾ ميدان تي لهندو.
ميڊيا رپورٽن موجب، ٽائيگر شروف شروع کان ئي ممبئي ايف سي سان لاڳاپيل رهيو آهي.
هن 2024ع ۾ هن ڪلب جو بنياد رکيو هو ۽ هن وقت ڪلب جي برانڊ ايمبيسيڊر طور پڻ ذميواريون نڀائي رهيو آهي.
Prev Post
You might also like