ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون هڪ هزار رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 26 هزار 436 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون 857 رپيا لاٿ سان 3 لک 65 هزار 600 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون 10 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 4040 ڊالر في اونس تي پهچي وئي آهي.
You might also like