ويسٽ انڊيز هٿان پهرين ميچ هارائڻ تي مايوس آهيان، ٻي ٽيسٽ ۾ رانديگر مٽائينداسين: سرفراز احمد

ٽروبا(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ريڊ بال ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ سرفراز احمد ويسٽ انڊيز خلاف پهرين ٽيسٽ ۾ شڪست تي مايوسي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٻي ٽيسٽ لاءِ پليئنگ اليون ۾ تبديلين جو امڪان آهي.
پريس ڪانفرنس دوران سرفراز احمد چيو ته پاڪستان جي بيٽنگ مايوس ڪيو ۽ اڪثر ٻي اننگز ۾ بيٽنگ لائين ناڪام ٿي ويندي آهي.
هن چيو ته پهرين اننگز ۾ پاڪستان کي سرسي حاصل ڪرڻ گهرجي ها، امام الحق سٺي بيٽنگ ڪري رهيو هو، جيڪڏهن هو ٿورو وڌيڪ صبر ڪري ها ته ٽيم کي ليڊ ملي سگهي پئي.
هيڊ ڪوچ موجب، ٽئين ڏينهن ويسٽ انڊيز جي اٺين وڪيٽ جي ڀائيواري ۾ 61 رنسون نه ٺهڻ گهرجن ها، ڇاڪاڻ ته پِچ تيز بالرن لاءِ سازگار هئي.
سندس چوڻ هو ته ٽيم پچ کي صحيح نموني سمجهيو هو، تنهنڪري پنج بالرن سان ميدان ۾ لٿا هئاسين، اميد آهي ته ٻي ٽيسٽ ۾ بهتر واپسي ڪنداسين.
هڪ سوال جي جواب ۾ سرفراز احمد چيو ته سعود شڪيل ۽ عبدالله شفيق کي موقعو ڏيڻ تي غور ڪيو ويندو، پر آخري فيصلو پچ ۽ ڪنڊيشن کي ڏسي ڪيو ويندو.
واضح رهي ته ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ٽيسٽ ۾ ويسٽ انڊيز پاڪستان کي 90 رنسن تان شڪست ڏئي 0-1 جي سرسي حاصل
ويسٽ انڊيز جي 211 رنسن جي هدف جي جواب ۾ پاڪستان جي ٽيم ٻي اننگز ۾ رڳو 120 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جڏهن ته 8 رانديگر ڊبل فگر ۾ داخل نه ٿي سگهيا.

You might also like