ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ تحريڪِ تحفظ آئين پاڪستان جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته 5 آگسٽ تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي قيد کي ٽي سال مڪمل ٿي ويندا، جنهن موقعي تي تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان سڄي ملڪ ۾ جمهوري ۽ پرامن احتجاجي تحريڪ شروع ڪندي.
هن چيو ته 5 آگسٽ تي عمران خان جي قيد خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.
محمود خان اچڪزئي جو چوڻ هو ته اسان جي جدوجهد پاڪستان ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمرانيءَ لاءِ هوندي.
هن اڱاري جي شام ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آزاد ڪشمير، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جي موجوده صورتحال تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو.
You might also like