پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪشمير ۾ ڇڪتاڻ برقرار، راولاڪوٽ ۽ ميرپور ۾ احتجاج، جاني نقصان بابت متضاد دعوائون
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير جي شهر راولاڪوٽ ۾ پابندي مڙهيل تنظيم ڄمون ۽ ڪشمير جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وچ ۾ ٿيل چڪرين کانپوءِ صورتحال اڃا تائين ڇڪتاڻ واري آهي، جڏهن ته ميرپور ۾ اربع ڏينهن دڪان ۽ مارڪيٽون بند رهيون.
علائقي جي ڪيترن ئي حصن ۾ شهرين کي انٽرنيٽ سروس تائين رسائي ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو.
ڪشميري اختيارين موجب، گذريل 48 ڪلاڪن دوران پابندي مڙهيل جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي سان لاڳاپيل هٿياربند ڪارڪنن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وچ ۾ سخت فائرنگ جاري رهي.
ڪالعدم جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي دعويٰ ڪئي آهي ته راولاڪوٽ ۽ ميرپور ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن جي فائرنگ سبب سندن 17 ڪارڪن مارجي ويا آهن، جڏهن ته مقامي انتظاميا جو چوڻ آهي ته ٻن ڏينهن جي هٿياربند جهڙپن دوران قانون لاڳو ڪندڙ اداري جو هڪ اهلڪار شهيد ۽ چار زخمي ٿيا آهن.
واضح رهي ته ٻنهي ڌرين جي جاني نقصان بابت دعوائن جي آزاد ذريعن کان تصديق نه ٿي سگهي آهي.
پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي مقامي انتظاميا جي هڪ اهلڪار ٻڌايو ته راولاڪوٽ جي دريڪ واري علائقي ۾ پابندي مڙهيل جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جا ڪارڪن وڏي انگ ۾ موجود آهن، جتي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي سخت مزاحمت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جڏهن ته بس ٽرمينل طرفان ايندڙ مظاهرين کي پوئتي هٽايو ويو آهي.
انتظاميا دعويٰ ڪئي آهي ته پابندي مڙهيل تنظيم جا هٿياربند ماڻهو دريڪ ڀرسان چئن تعمير هيٺ گهرن ۾ مورچا بند آهن ۽ اتان مسلسل فائرنگ ڪري رهيا آهن.
انتظاميا موجب، گذريل 48 ڪلاڪن دوران هڪ رينجرز اهلڪار شهيد ۽ چار اهلڪار زخمي ٿيا، جڏهن ته جوابي ڪارروائي دوران ڪجهه هٿياربندن جي مارجڻ ۽ ڪيترن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن.
ٻئي پاسي پابندي جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي جي ڪور ڪميٽي جي ميمبر عابد شاهين دعويٰ ڪئي آهي ته راولاڪوٽ ۾ فائرنگ دوران سندن 11 ۽ ميرپور ۾به پوليس فائرنگ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا آهن.
هن چيو ته ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ۽ سندن لانگ مارچ مقصد حاصل ٿيڻ تائين مظفرآباد ڏانهن جاري رهندو.
ميرپور جي مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته شهر ۾ موبائل فون تي انٽرنيٽ سروس بند آهي، جڏهن ته رڳو لينڊ لائن انٽرنيٽ محدود طور ڪم ڪري رهيو آهي.
آزاد ڪشمير جي وزيراعظم فيصل ممتاز راٺوڙ دعويٰ ڪئي آهي ته مظاهرين چونڊن دوران مظفرآباد ڏانهن مارچ ذريعي بدامني پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ جديد هٿيارن سان سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻائي رهيا آهن.
سڌ سماءُ واري وفاقي وزير ۽ مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري به چيو آهي ته ڪجهه عنصر تشدد ذريعي صورتحال خراب ڪرڻ چاهين ٿا ۽ عوام کي اهڙن گروهن کان پري رهڻ گهرجي.
هوڏانهن ڀارت جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان رنڌير جئسوال آزاد ڪشمير ۾ چونڊن ۽ انساني حقن بابت تنقيد ڪندي الزام هنيو ته موجوده چونڊ عمل رڳو نمائشي مشق آهي، جڏهن ته پاڪستان اختيارين سمورا الزام رد ڪيا آهن.
پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ ”سچ ۽ مفاهمت ڪميشن“ قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي، جڏهن ته مخالف ڌر جي اڳواڻن ۽ انساني حقن جي تنظيمن به جاني نقصان جي آزاداڻي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.
انساني حقن جي تنظيمن، جن ۾ ايمنسٽي انٽرنيشنل ۽ هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان ( ايڇ آر سِي پي) شامل آهن، سيڪيورٽي فورسز جي طاقت جي استعمال بابت شفاف جاچ، مواصلاتي سهولتن جي بحالي ۽ ميڊيا کي آزاد رسائي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
ياد رهي ته پابندي مڙهيل جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي جو احتجاج آزاد ڪشمير اسيمبلي ۾ ڪشميري مهاجرن لاءِ مخصوص 12 سيٽن جي خاتمي واري مطالبي جي حمايت ۾ جاري آهي، جڏهن ته حڪومت جو موقف آهي ته اهي سيٽون برقرار رکڻ ضروري آهن ۽ چونڊون هر صورت ۾ مقرر شيڊيول موجب ٿينديون.
آزاد ڪشمير ۾ پُرتشدد مظاهرن کانپوءِ پابندي مڙهيل عوامي ايڪشن ڪميٽيءَ جو لانگ مارچ جاري رکڻ جو اعلان، ميرپور ۾ هڙتال
You might also like