سيڪيورٽي فورسز جون خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ انٽيليجنس بيسڊ ڪارروائيون، 32 دهشتگرد مارجي ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گذريل 24 ڪلاڪن دوران خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گڏيل آپريشنن دوران 32 دهشتگرد مارجي ويا.
پاڪستان فوج جي سڌ سماءُ واري اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب، 28 ۽ 29 جولاءِ 2026ع جي وچ واري رات خيبرپختونخوا جي ضلعي خيبر ۾ ڳجهي اطلاع تي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ۽ ڪليئرنس ڪارروائيون ڪيون ويون.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي مختلف ٿاڪن کي نشانو بڻايو، جنهن دوران فتنه الخوارج سان لاڳاپيل 24 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب بلوچستان جي ضلعي نوشڪي ۾ به ڳجهي اطلاع تي ڪيل آپريشن دوران سخت مقابلي کانپوءِ 8 دهشتگرد ماريا ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان خلاف سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروائيون جاري آهن ۽ خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ گڏيل آپريشنز جو سلسلو برقرار آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، ڪارروائين دوران دهشتگردن جي استعمال هيٺ هٿيار، بارودي مواد به هٿ ڪري تباهه ڪيا ويا، جڏهن ته علائقي ۾ موجود ڀارتي سرپرستي هيٺ ڪم ڪندڙ ٻين دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن به جاري آهن.

 

You might also like