عالمي منڊي ۾ پيٽرول سستو ٿيڻ باوجود پاڪستان ۾ مهانگو

اسلام آباد(ع آ نيوز) حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو اعلان ڪيو آهي.پيٽروليم ڊويزن 29 جولاءِ لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 1.63 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 335.81 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي. پيٽروليم ڊويزن جي نوٽيفڪيشن موجب ڊيزل جي قيمت ۾ به 1.55 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 388.38 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي. آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهين جي اميدن سبب اڱاري ڏينهن عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري رهيو، جنهن دوران في بيرل قيمت هڪ ڊالر کان وڌيڪ گهٽجي وئي.خبرون ڏيندڙ اداري رائٽرز موجب، گهٽتائي کانپوءِ برينٽ خام تيل جي قيمت 86.89 ڊالر في بيرل ٿي وئي، جيڪا 20 جولاءِ کانپوءِ سڀ کان گهٽ سطح قرار ڏني پئي وڃي.ياد رهي ته تازن ڏينهن ۾ فوجي ڪاررواين ۽ ڌمڪين ۾ واڌ سبب تيل جي قيمت هڪ موقعي تي 100 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي هئي.پر اڱاري ڏينهن عالمي مارڪيٽ ۾ هي نمايان گهٽتائي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ فوجي ڪاررواين ۾ عارضي وقفي کانپوءِ سامهون آئي، جنهن سبب تيل جي فراهمي بابت خدشا گهٽجندي نظر اچي رهيا آهن.

You might also like