”هارڊ اسٽيٽ“ وارو نظريو پاڪستان کي نقصان پهچائي رهيو آهي:مصطفيٰ نواز کوکر

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينيٽر مصطفىٰ نواز کوکر ”هارڊ اسٽيٽ“ واري نظريي تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته هي نظريو پاڪستان کي ناقابلِ تلافي نقصان پهچائي رهيو آهي.سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته جنهن خطي ۾ مختلف قومون ۽ ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهو رهن ٿا، اتي ”هارڊ اسٽيٽ“ قائم نٿي ٿي سگهي. هن چيو ته پاڪستان نه مصر آهي، نه چين ۽ نه ئي اتر ڪوريا، هتي رياست رڳو هڪ ٻئي سان سهڪار جي بنياد تي هلي سگهي ٿي، جڏهن ته ماڻهن ۽ قومن وچ ۾ سهڪار جو ٻيو نالو ئي آئين آهي.مصطفىٰ نواز کوکر وڌيڪ چيو ته آزاد ڪشمير، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا رت ۾ وهنجي رهيا آهن، آزاديون کسجي ويون آهن، چونڊون بي معنيٰ بڻجي ويون آهن ۽ معيشت تباهه حال آهي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن اهي ”ناڪام رياست“ جون نشانيون ناهن ته پوءِ ٻيون ڪهڙيون آهن؟هن چيو ته پاڪستان کي ”هارڊ اسٽيٽ“ نه، پر هڪ آئيني رياست جي ضرورت آهي، جيڪا ماڻهن ۽ قومن جي حقن جي ضامن هجي.مصطفىٰ نواز کوکر پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته هر مسئلي جو جواب جيل يا گولي ناهي هوندو، عقل کان ڪم وٺڻ گهرجي، ڇو ته پاڪستان هاڻي ڪنهن وڏي سانحي يا اندروني ٽٽڻ کان گهڻو پري ناهي.

You might also like