هڪ ارب ڊالر جي ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جون تياريون

لاهور(عمران شفقت)پنجاب مان تقريبن 45 لک ٽن ۽ سنڌ مان 6 لک ٽن ڪڻڪ چوري ٿي وئي آهي، جنهن جي ڪا سمجھ نٿي اچي ته اها ڪٿي وئي ۽ ڇو وئي.جيو نيوز جي خبر موجب پنجاب مان مبينه طور 45 لک ٽن ۽ سنڌ مان 6 لک ٽن ڪڻڪ رڪارڊ مان غائب ٿي وئي آهي،جيڪڏهن ان ڪڻڪ بحران جي جاچ  نه ٿي ته پاڪستان کي ڪڻڪ امپورٽ   ڪرڻ لاءِ هڪ ارب ڊالر جو خرچ ڪرڻو پوندو. جتي پاڪستان آءِ ايم ايف کان 7 ارب ڊالرن لاءِ منٿون ڪري رهيو آهي، اتي حڪومت جي غلط فيصلن ۽ نااهليءَ سبب هڪ  ارب ڊالر جو ٽُڪو لڳي رهيو آهي.گذريل سال نگران حڪومت ڪڻڪ گهرائي، ۽ پنجاب حڪومت هارين کان ڪڻڪ خريد ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته "اسان وٽ گدام ناهن.” نتيجي ۾ هارين کي امدادي قيمت نه ملي، هاري برباد ٿي ويو ۽ هن سال ڪڻڪ نه پوکي. هاڻي حڪومت مقامي هاري کي سپورٽ ڪرڻ بدران 10 لک ٽن ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ جو آرڊر ڏنو آهي، جنهن تي هڪ ارب ڊالر خرچ ٿيندا.

You might also like