لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ حق مهر بابت اهم فيصلو جاري ڪندي اڳوڻي زال کي حق مهر جي ادائيگي خلاف داخل درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.
جسٽس محسن اختر ڪياني، ارسلان نالي درخواستگذار جي درخواست تي 14 صفحن تي ٻڌل فيصلو جاري ڪيو، جنهن ۾ اڳوڻي زال کي حق مهر ادا ڪرڻ واري فيملي ڪورٽ جي فيصلي کي برقرار رکيو ويو.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته فيملي ڪورٽ کي حق حاصل آهي ته اها حق مهر جي ادائيگي جو حڪم ڏئي ۽ رڳو خلع وٺڻ سبب عورت جو حق مهر ختم يا ضبط نٿو ڪري سگهجي.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ته حق مهر بابت قانون ۾ نئين قانونسازي جي ضرورت آهي.
عدالت واضح ڪيو ته جسماني، ذهني، جذباتي ۽ معاشي استحصال به ظلم ۾ شامل آهي، جڏهن ته زال جي اعتماد جوڳي شاهدي ظلم ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي ٿي سگهي ٿي.
You might also like