ٽيڪنالاجي ڪمپني ايپل معياري آئي فون 18 کي 2027ع ۾ مارچ ۽ جون جي وچ واري عرصي دوران جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
رپورٽن موجب، ايپل معياري آئي فون 18 جي لانچ کي ايندڙ سال مارچ تائين ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته سيپٽمبر 2026ع ۾ رڳو آئي فون 18 پرو، آئي فون 18 پرو ميڪس ۽ ڪمپني جو پهريون فولڊيبل آئي فون متعارف ڪرايو ويندو.
ذريعن موجب، هي دير سپلائي چين جي مسئلن سبب نه، پر ايپل جي اڳواٽ رٿابندي جو حصو آهي.
مشهور سپلائي چين تجزيه نگار منگ چي ڪوئو موجب، آئي فون 18 ۽ آئي فون 18 اي مارچ 2027ع ۾ پيش ڪيا وڃي سگهن ٿا، جن ۾ 9 جي بي ريم هوندي، جڏهن ته پرو ماڊلز ۾ 12 جي بي ريم هجڻ جو امڪان آهي.
رپورٽن ۾ اها به دعويٰ ڪئي وئي آهي ته آئي فون 18 پرو سيريز جي اگهن ۾ 200 ڊالر تائين واڌ ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته ايپل جو پهريون فولڊيبل آئي فون 2000 ڊالر کان وڌيڪ قيمت سان پيش ٿيڻ جو امڪان آهي.
جيڪڏهن اهي ڳالهيون صحيح ثابت ٿيون، ته سيپٽمبر 2026ع ۾ اپگريڊ ڪرڻ چاهيندڙ واهپيدارن لاءِ نسبتاً گهٽ قيمت وارو نئون آئي فون دستياب نه هوندو، ڇاڪاڻ ته معياري ۽ بجيٽ ماڊلز جي وڪري کي 2027ع تائين ملتوي ڪيو ويو آهي.