سرڪاري ملازمن لاءِ اهم خبر، نوان پي اسڪيل ۽ الائونس لاڳو

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا حڪومت سرڪاري ملازمن لاءِ نون پي اسڪيلز جو باظابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت ملازمن کي نظرثاني ٿيل بنيادي پگهارون ملنديون.
صوبائي ناڻي کاتي موجب، بنيادي پگهار اسڪيل 2022 جي جاءِ تي بيسڪ پي اسڪيل 2026 پهرين جولاءِ 2026ع کان لاڳو ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سرڪاري ملازمن جو ساليانو انڪريمينٽ اڳ وانگر هر سال پهرين ڊسمبر تي ڏنو ويندو.
نوٽيفڪيشن موجب، نون پگهار اسڪيلز ۾ ايڊهاڪ رليف الائونس 2022 ۽ 2025 کي ضم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سرڪاري ملازمن کي پهرين جولاءِ 2026ع کان نظرثاني ٿيل بنيادي پگهارون ملنديون.
صوبائي ڪابينا خاص بجيٽ اجلاس دوران پگهارن جي نظرثاني جي منظوري ڏني هئي.
خيبرپختونخوا حڪومت سرڪاري ملازمن لاءِ 2026 جو ايڊهاڪ رليف الائونس 7 سيڪڙو مقرر ڪيو آهي، جيڪو پهرين جولاءِ 2026ع کان لاڳو هوندو. معاهدي (ڪنٽريڪٽ) ۽ ڪنٽينجنٽ پيڊ اسٽاف پڻ 7 سيڪڙو ايڊهاڪ رليف الائونس جا حقدار هوندا.

You might also like