ميرپورخاص (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته جلد سڄي ڪراچي کي هڪ آخري سڏ ڏبو ۽ اها ئي فيصلائتي ڪال هوندي.
ميرپورخاص ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪراچي واسين کي چيو ويندو ته پارليامينٽ اندر جيڪڏهن فيصلا نٿا ٿين ته پوءِ شارع فيصل تي ويهي پنهنجا حق وٺنداسين.
هن چيو ته ڪراچي 3 ڪروڙ آبادي وارو شهر آهي، جيڪڏهن ايتري وڏي انگ ۾ ماڻهو ٻاهر نڪتا ته هو پنهنجي گهرن ڏانهن تيستائين نه ويندا، جيستائين پاڪستان جي آئين ۾ سندن حقن کي شامل نه ڪيو ويندو.
مصطفيٰ ڪمال وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن 28هين آئيني ترميم ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جا مطالبا شامل نه ڪيا ويا ته شارع فيصل بند ڪيو ويندو.