ڇا توهان سگريٽ نوشي ڇڏڻ چاهيو ٿا، پر اهو ڪم توهان کي ڏکيو لڳي رهيو آهي؟
جيڪڏهن ها، ته سٺي خبر اها آهي ته طبي ماهرن سگريٽ نوشي جي عادت ڇڏائڻ ۾ مددگار هڪ سولو طريقو ڳولي لڌو آهي.
رسالي نيڪوٽين اينڊ ٽوباڪو ريسرچ ۾ ڇپيل هڪ تحقيق موجب، جيڪڏهن توهان سگريٽ نوشي جي عادت کان جان ڇڏائڻ چاهيو ٿا ته يوگا کي پنهنجي روزاني معمول جو حصو بڻايو.
تحقيق مان خبر پئي ٿي ته يوگا کي معمول بڻائڻ سان تماڪ واپرائيندڙ ماڻهن لاءِ اها عادت ڇڏڻ وڌيڪ سولي ٿي وڃي ٿي. ان سان گڏ پريشاني (Anxiety)، ڊپريشن ۽ اهي تڪليف ڏيندڙ علامتون به گهٽجي وڃن ٿيون، جيڪي سگريٽ ڇڏڻ دوران ظاهر ٿينديون آهن.
هن تحقيق ۾ اڳ ۾ ٿيل ڪيترين ئي تحقيقن جو جائزو ورتو ويو.
تحقيق موجب يوگا جون مشقون ڪرڻ سان سگريٽ نوشي ڇڏڻ جا امڪان لڳ ڀڳ 50 سيڪڙو تائين وڌي وڃن ٿا.
محققن چيو ته نتيجا ظاهر ڪن ٿا ته يوگا اهڙي جسماني سرگرمي آهي، جيڪا تماڪ نوشي جي عادت ڇڏائڻ ۾ واضح مدد فراهم ڪري ٿي.
هن تحقيق ۾ مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ 629 ماڻهن تي ڪيل 7 ڪلينڪل ٽرائلز جي نتيجن جو تجزيو ڪيو ويو، جڏهن ته وڌيڪ 5 تحقيقي رپورٽن جو پڻ جائزو ورتو ويو.
عالمي صحت اداري (WHO) موجب تماڪ نوشي سبب ڪينسر، دل جون بيماريون ۽ ٻيون ڪيتريون ئي خطرناڪ بيماريون ٿيڻ جو خطرو وڌي وڃي ٿو.
تماڪ نوشي سبب پيدا ٿيندڙ دائمي بيمارين جي نتيجي ۾ هر سال دنيا ڀر ۾ لڳ ڀڳ 87 لک ماڻهو فوت ٿين ٿا، ۽ گهڻا ماڻهو اها عادت ڇڏڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، پر ڪامياب نٿا ٿي سگهن.
هن تحقيق ۾ اهو به ڏٺو ويو ته يوگا جي مختلف قسمن سان تماڪ نوشي ڇڏڻ ۾ ڪيتري حد تائين مدد ملي ٿي.
نتيجن مان خبر پئي ٿي ته يوگا نه رڳو سگريٽ نوشي جي عادت ڇڏائڻ ۾ مدد ڏئي ٿي، پر سگريٽ ڇڏڻ کان پوءِ پيدا ٿيندڙ تڪليف ڏيندڙ علامتن جي شدت به گهٽائي ٿي.
ان کان اڳ ڊسمبر 2023ع ۾ آسٽريا جي انسبرڪ يونيورسٽي جي هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو هو ته تيز رفتاري سان پنڌ ڪرڻ سان سگريٽ پيئڻ جي خواهش ۾ عارضي طور نمايان گهٽتائي اچي ٿي.
تحقيق موجب جيڪڏهن ڪو ماڻهو سگريٽ نوشي ڇڏڻ چاهي ٿو ته گهر کان ٻاهر يا گهر اندر 10 منٽن جي هلڪي يا وچولي شدت واري ورزش سان سگريٽ پيئڻ جي خواهش کي دٻائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.
حقيقت ۾ اهڙي جسماني سرگرمي سگريٽ ڇڏڻ کانپوءِ پيدا ٿيندڙ تڪليف ڏيندڙ علامتن کان بچڻ ۾ پڻ فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿي.
هن تحقيق ۾ 16 اهڙن ماڻهن کي شامل ڪيو ويو، جيڪي سگريٽ نوشي جا عادي هئا.
سڀني شرڪت ڪندڙن کي هڪ رات لاءِ سگريٽ کان پري رکيو ويو، پوءِ کين 10 منٽن تائين تيز رفتار سان پنڌ ڪرڻ، يا گهر اندر ورزش ڪرڻ، يا وري بنا حرڪت ويٺي رهڻ جي هدايت ڪئي وئي.
ورزش کان اڳ ۽ پوءِ سگريٽ پيئڻ جي خواهش سميت ٻين لاڳاپيل ڳالهين جو به جائزو ورتو ويو.
نتيجن مان خبر پئي ته رڳو 10 منٽن جي جسماني سرگرمي سان سگريٽ پيئڻ جي خواهش ۾ نمايان گهٽتائي آئي، جڏهن ته سگريٽ ڇڏڻ دوران ظاهر ٿيندڙ علامتن جي شدت به گهٽجي وئي.
تحقيق موجب، هن موضوع تي اڃا وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي، پر هاڻوڪي نتيجن مان ظاهر ٿئي ٿو ته گهر کان ٻاهر پنڌ ڪرڻ کان پوءِ لڳ ڀڳ 26 منٽن تائين، جڏهن ته گهر اندر ورزش ڪرڻ کان پوءِ لڳ ڀڳ 17 منٽن تائين سگريٽ پيئڻ جي خواهش گهٽ رهندي آهي.
هن تحقيق جا نتيجا سائنسي رسالي Psychopharmacology ۾ ڇپيا ويا آهن.