پئرس/ ميڊرڊ (ويب ڊيسڪ) فرانس ۽ اسپين ۾ ٻيلن ۾ لڳل ڀوائتي باهه سبب هينئر تائين 2 لک 70 هزار کان وڌيڪ ماڻهو پنهنجا گهر ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، فرانس ۾ انتظاميا وڌيڪ 60 هزار ماڻهن کي به محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي.
فرانسيسي اختيارين شهر بورڊو جي ڀرپاسي وارن علائقن مان لڳ ڀڳ 60 هزار وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي، جنهن کانپوءِ فرانس ۽ اسپين ۾ باهه سبب بي گهر ٿيندڙ ماڻهن جو انگ مسلسل وڌي رهيو آهي.
فرانس جي ڏکڻ اولهه وارن علائقن گيروند ۽ لاند مان اٽڪل 2 لک ماڻهن کي اڳ ئي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي.
فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ فوج کي به طلب ڪري ورتو آهي.
ٻئي پاسي اسپين جي اختيارين چيو آهي ته گادي واري شهر ميڊرڊ ڀرسان لڳل باهه تي ضابطو آڻڻ فائر فائٽرز جي وس کان ٻاهر ٿيندو پيو وڃي ۽ اها انتهائي خطرناڪ صورت اختيار ڪري چڪي آهي.
اختيارين موجب، ميڊرڊ جي اولهه وارن علائقن ۾ ٽن مختلف هنڌن تي لڳل باهه پاڻ ۾ ملي هڪ وڏي باهه جي صورت اختيار ڪري وئي آهي.
اسپين جي حڪومت ملڪ ۾ قومي ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، جنهن تحت 25 هزار ماڻهن کي متاثر علائقن مان نڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جڏهن ته 40 هزار کان وڌيڪ شهرين کي گهرن اندر رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
مقامي ريسڪيو سروسز خبردار ڪيو آهي ته ٻيلن جي باهه ميڊرڊ کان اٽڪل 50 ڪلوميٽر پري موجود روبليڊو ڊي چاويلا ۽ فريسنيدياس ڊي لا اوليوا جي رهائشي علائقن ڏانهن وڌي رهي آهي.
اختيارين موجب، ميڊرڊ واري علائقي ۾ هينئر تائين گهٽ ۾ گهٽ 6 هزار هيڪٽر زمين باهه جي گهيري ۾ اچي چڪي آهي، جڏهن ته ايويلا صوبي ۾ لڳل باهه 9 هزار هيڪٽر ايراضي کي ساڙي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.
فرانس ۽ اسپين جي ٻيلن ۾ ڀڙڪيل باهه تباهي مچائي ڇڏي، 2 لک 70 هزار کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر
You might also like