حمزا شهباز وزيراعظم هائوس ۾ ڪم سان لڳي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير حمزا شهباز وزيراعظم هائوس ۾ پنهنجي آفيس سنڀالي ورتي آهي.
پارٽي ذريعن موجب، حمزا شهباز گذريل ڏينهن مختلف وفاقي وزيرن سان به ملاقاتون ڪيون، جڏهن ته هو وزيراعظم هائوس جي ڇهين ماڙ تي پنهنجي آفيس مان ذميواريون نڀائيندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته حمزا شهباز پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي سان لاڳاپيل معاملن تي به نظر رکندو، جڏهن ته پارٽي ڪارڪنن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هڪ ڪميٽي پڻ جوڙيندا.
پارٽي ذريعن موجب، حمزا شهباز سومر کان باظابطا طور پنهنجي آفيس ذميوارين جي شروعات ڪندو.

You might also like