ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينيئر مرڪزي اڳواڻ ۽ صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته موجوده نظام مڪمل طور ناڪام ٿي چڪو آهي، تنهن ڪري پاڪستان، خاص ڪري سنڌ ۾ انتظامي بنيادن تي نوان صوبا قائم ڪرڻ هاڻي اڻٽر بڻجي ويو آهي.
بهادرآباد ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي مرڪز تي اهم پريس ڪانفرنس ڪندي هن دعويٰ ڪئي ته سنڌ حڪومت کي گذريل 18 سالن دوران ملندڙ 22 هزار ارب رپين مان ڪراچي کي رڳو 680 ارب رپيا، يعني 3 سيڪڙو کان به گهٽ حصو ڏنو ويو، جڏهن ته ان رقم جو 90 سيڪڙو کان وڌيڪ آمدني ڪراچي پاڻ فراهم ڪئي.
مصطفيٰ ڪمال چيو ته 2010ع کان اڳ ڪراچي کي وفاق کان جي ايس ٽي جو ڇهون حصو سڌو سنئون ملندو هو، جيڪڏهن اهو فارمولو برقرار رهي ها ته هيل تائين ڪراچي کي 2 هزار ارب رپيا ملي چڪا هجن ها، جنهن سان ڪاروباري لاڳت گهٽجي وڃي ها، نيون صنعتون قائم ٿين ها، لکين نوجوانن کي روزگار ملي ها ۽ شهر ۾ نوان اسڪول ۽ اسپتالون ٺهي وڃن ها.
هن چيو ته پاڪستان کي معاشي بحران مان آءِ ايم ايف نه، پر رڳو ڪراچي ڪڍي سگهي ٿو.
سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت 18هين آئيني ترميم جي نالي تي سمورا وسيلا ۽ اختيار پاڻ وٽ رکيا، پر گذريل 18 سالن ۾ ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين شهرن کي تباهي جي ڪنڌي تي پهچائي ڇڏيو.
وفاقي وزير چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان پارليامينٽ ۾ آئيني ترميم پيش ڪئي، پر پيپلز پارٽي عددي اڪثريت جي بنياد تي ان کي رد ڪري ڇڏيو.
هن چيوته هاڻي سمورا آئيني ۽ جمهوري رستا اختيار ڪرڻ کانپوءِ ايم ڪيو ايم پاڪستان عوام جي حقن جي جنگ روڊن تي وڙهندي، جنهن سلسلي ۾ اڄ آچر تي شاهه فيصل ٽائون ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي جي 18 سالن جي بدانتظامي خلاف احتجاجي جلسو ڪيو ويندو.
مصطفيٰ ڪمال الزام لڳايو ته سنڌ حڪومت ڪراچي کان ڪشمور تائين ماڻهن کي پيئڻ جي صاف پاڻي، نيڪال، تعليم ۽ بنيادي صحت جهڙين سهولتن کان محروم ڪري ڇڏيو آهي.
هن چيو ته 2 ڪروڙ 60 لک کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، 50 سيڪڙو ٻار خوراڪ کوٽ سبب متاثر آهن، جڏهن ته ماڻهو ڪتي جي ڏاڙهڻ سبب به حياتيون وڃائي رهيا آهن.
هن ٻٻرلوءِ ۾ اغوا ٿيل ٻارن جي بازيابي لاءِ ڌرڻو هڻندڙ 18 مائرن تي پوليس جي تشدد ۽ گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي سندن فوري آزادي ۽ اغوا ٿيل ٻارن جي بازيابي جو مطالبو پڻ ڪيو.
مصطفيٰ ڪمال وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان لاءِ وزارتون نه، پر عوام جا حق ۽ ملڪ جي سلامتي اهم آهن، ۽ هاڻي خاموشي ٽوڙي پنهنجي حقن لاءِ هر حد تائين ويندا.
You might also like