هراري (ويب ڊيسڪ) ڀارت ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ زمبابوي کي 90 رنسن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ فيصلائتي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.
هراري اسپورٽس ڪلب ۾ کيڏيل ميچ ۾ زمبابوي ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، ڀارت مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 219 رنسون ٺاهيون.
ايشان ڪشن شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 81 رنسن جي اننگز کيڏي، جڏهن ته تلڪ ورما 60 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.
شرياس اَئيَر 25، ويڀَو سورياونشي 20، رنڪو سنگهه 12 ۽ شيوَم دوبي 6 رنسون ٺاهيون.
ڀارت جي 220 رنسن جي هدف پٺيان ڊوڙنديزمبابوي جي پوري ٽيم 17.5 اوورن ۾ 129 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
زمبابوي جي برائن بينيٽ 32، تاديوناشي ماروماني 24، ريان برل 20 ۽ بريڊ ايونس 19 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ڪپتان سڪندر رضا کاتو کولڻ بنا پويلين موٽي ويو.
ڀارت طرفان اڀيشيڪ شرما 3، يَش ٺاڪر ۽ پرنس يادو 2-2، جڏهن ته روي بشنوئي، شيوَم دوبي ۽ تلڪ ورما هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي.
شاندار بيٽنگ تي ايشان ڪشن کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
You might also like