همبنٽوٽا (ويب ڊيسڪ)سريلنڪن وومينز ٻي ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان وومين ٽيم کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن تي ٻڌل سيريز هڪ، هڪ تان برابر ڪري ڇڏي.
همبنٽوٽا ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 273 رنسون ٺاهيون.
صدف شمس 12 ۽ گل فيروزا 27 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيون.
سدرا امين ۽ عائشه ظفر ٽيم جي اننگز کي سهارو ڏنوم سدره امين 120 بالن تي 11 چوڪن جي مدد سان شاندار 100 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته عائشه ظفر 49 ۽ منيبه علي 45 رنسون اسڪور ڪيون.
جواب ۾ سريلنڪا وومين ٽيم جي شروعات سٺي نه رهي ۽ ڪپتان چماري اٿاپٿو رڳو هڪ رنس ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، پر ان کانپوءِ وشمي گونا رتني ۽ هرشيتا سماراوڪرما ٻي وڪيٽ لاءِ 203 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪري ٽيم کي فتح ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
وشمي گونا رتني 123 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ هڪ ڇڪو ۽ 11 چوڪا شامل هئا، جڏهن ته هرشيتا سماراوڪرما ناقابل شڪست 100 رنسن جي اننگز کيڏي.
سريلنڪا وومينز ٽيم 274 رنسن جو هدف 47هين اوور ۾ رڳو ٻن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز هڪ، هڪ تان برابر آهي، سيريز جو ٽيون ۽ فيصلائتو دنگل 31 جولاءِ تي دمبولا ۾ ٿيندو.
سريلنڪن مائن جو پلاند، ٻي ون ڊي ۾ پاڪستان وومينز کي شڪست ڏئي سيريز برابر ڪري ڇڏيائون
You might also like