نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڪاڪروچ جنتا پارٽي” سِي جَي پِي“ جي حمايت ۾ 26 ڏينهن تائين بک هڙتال ڪندڙ سماجي اڳواڻ سونم وانگچڪ ڀارت جي تعليم واري وزير جي استعيفيٰ جي آجيان ڪندي ان کي”جمهوريت جي سوڀ قرار ڏنو آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ سونم وانگچڪ سي جي پي، جنريشن زيڊ ۽ سڄي ملڪ جي شهرين کي واڌايون ڏيندي چيو ته ”سڀني ڊپ تي ضابطو آڻي ملڪ جي هر ڪنڊ مان پنهنجو آواز بلند ڪيو.“
واضح رهي ته سونم وانگچڪ جمعي ڏينهن پِرِههَ ڦُٽِي مهل پنهنجي 26 ڏينهن کان جاري بک هڙتال ختم ڪري ڇڏي هئي.
هن پنهنجي پوسٽ جي پڄاڻي تي چيو ته ”هاڻي احتساب کانپوءِ سڌارن جو وقت اچي ويو آهي.“
احتساب کانپوءِ سڌارن جو وقت اچي ويو، ڌرميندر پرڌان جو پد ڇڏڻ جمهوريت جي سوڀ آهي: سونم وانگچڪ
You might also like