اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا جي ماتحت ڪميٽي 52 نين رجسٽرڊ حياتي بچائيندڙ دوائن جي اگهن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
وفاقي ڪابينا جي ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ وفاقي صحت واري وزير مصطفىٰ ڪمال، صحت واري سيڪريٽري ۽ ڊريپ جي عملدارن شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران 52 نين رجسٽرڊ دوائن جي قيمتن جي منظوري ڏني وئي، جن ۾ ڪينسر، شوگر، هيموفيليا ۽ پارڪنسن جي علاج لاءِ استعمال ٿيندڙ دوائون شامل آهن.
دوائن جي اگهن جي حتمي منظوري وفاقي ڪابينا ڏيندي، جنهن کانپوءِ ڊريپ باظابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪندو. نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کانپوءِ ڄاڻايل دوائون قانوني طور پاڪستان ۾ وڪرو ڪري سگهبيون.
منظور ٿيل دوائن ۾ ڪينسر جي جديد اميونوٿراپي دوا ڪي ٽروڊا پڻ شامل آهي، جيڪا دنيا ۾ 20 کان وڌيڪ قسمن جي ڪينسر جي علاج لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي.
ان کانسواءِ منظور ٿيل دوائن ۾ نيوولوميب، ڊاساتينيب، ميروپينم۽ انسولين به شامل آهن.
اجلاس دوران صحت واري وزارت مريضن کي پيش ايندڙ ڏکيائين کي نظر ۾ رکندي دوائن جي اگهن جي جلد منظوري، فيصلن ۾ شفافيت ۽ عوامي مفاد کي اوليت ڏيڻ تي زور ڏنو.
اختيارين موجب، منظوري ۾ دير سبب ڪيترائي مريض غير رجسٽرڊ، سمگل ٿيل ۽ مهانگيون درآمدي دوائون وٺڻ تي مجبور هئا، هن فيصلي سان معياري دوائن جي دستيابي بهتر ٿيندي ۽ غير قانوني سپلاءِ تي ڀاڙڻ ۾ گهٽتائي ايندي.
Prev Post
احتساب کانپوءِ سڌارن جو وقت اچي ويو، ڌرميندر پرڌان جو پد ڇڏڻ جمهوريت جي سوڀ آهي: سونم وانگچڪ
Next Post
You might also like