ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ اڄ معمولي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون 300 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 27 هزار 736 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب 10 گرام سون به 257 رپيا وڌي 3 لک 66 هزار 714 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 3 ڊالر واڌ کانپوءِ 4 هزار 53 ڊالر ٿي وئي آهي.
You might also like