نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڪاڪروچ جنتا پارٽي (سِي جَي پِي) جي ترجمان اعلان ڪيو آهي ته حڪومت طرفان تنظيم جا ٻيا مطالبا به مڃڻ کانپوءِ احتجاج ختم ڪيو پيو وڃي.
ترجمان موجب، حڪومت طرفان مطالبا منظور ٿيڻ کانپوءِ تنظيم باضابطا طور پنهنجو احتجاج ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
ٻئي پاسي پارليامينٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ راهول گانڌي ڀارتي تعليم واري وزير ڌرميندر پرڌان جي استعيفيٰ کيتعليمي نظام جي سڌارن ڏانهن هڪ وڏو قدم قرار ڏنو آهي.
راهول گانڌي ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته،” انهن سڀني نوجوانن ۽ شاگردن کي دل جي گهراين سان واڌايون، جن جمهوريت، آئين ۽ پنهنجي مستقبل جي تحفظ لاءِ روڊن تي نڪري ثابت قدمي جو مظاهرو ڪيو، مون کي اوهان سڀني تي فخر آهي.“
راهول گانڌي وزيراعظم نريندر مودي کان مطالبو ڪيو ته هو شاگردن کان معافي وٺي، جڏهن ته حڪومت مظاهرين خلاف تشدد جا ذميوار ماڻهن خلاف فوري ڪارروائي ڪري.
واضح رهي ته پيپر ليڪ معاملي تي نئين دهلي جي جنتر منتر تي لڳ ڀڳ ٻن مهينن کان احتجاج جاري هو، جنهن دوران پوليس مظاهرين تي لاٺبازي۽ واٽر ڪينن جو استعمال پڻ ڪيو، جڏهن ته ڪيترن ئي احتجاج ڪندڙن کي گرفتار به ڪيو ويو هو.
ڪاڪروچ جنتا پارٽي جو احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان، مودي شاگردن کان معافي وٺي: راهول گانڌيءَ جو مطالبو
Prev Post
You might also like