تعليم واري وزير جي استعيفيٰ تي ڪاڪروچ جنتا پارٽيءَ جو جشن، تحريڪ اڃا ختم ناهي ٿي: اڀيجيت ديپڪي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي تعليم واري وزير ڌرميندر پرڌان جي استعيفيٰ جي خبر سامهون اچڻ شرط دهلي جي مرڪزي احتجاجي هنڌ تي ڪاڪروچ جنتا پارٽي (سي جي پي) جي ڪارڪنن طرفان وڏي پيماني تي جشن ملهايو ويو.
ان موقعي تي سي جي پي جي باني صدر اڀيجيت ديپڪي جذباتي انداز ۾ عارضي اسٽيج تان خطاب ڪندي چيو ته ”اسان اهو ڪري ڏيکاريوسين.“
اڀيجيت ديپڪي چيو ته ”ڌرميندر پرڌان جي استعيفيٰ سبب مون کي هيرو نه بڻايو، هڪ شخص کي هيرو بڻائڻ سبب ئي ملڪ کي نقصان پهتو آهي.“
هن تحريڪ جي ڪاميابي ۾ ساٿ ڏيندڙ سڀني ماڻهن جا ٿورا مڃيا، جڏهن ته خاص ڪري انهن شاگردن جو ذڪر ڪيو جيڪي سماجي اڳواڻ سونم وانگچڪ سان گڏ ڪيترن ئي هفتن تائين بک هڙتال ڪئي.
اڀيجيت ديپڪي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي مخاطب ٿيندي چيو”مودي جي! صبح ٿي وئي آهي مامون، ڀارت ۾ جمهوريت جي صبح ٿي وئي آهي.“
هن چيو ته نيٽ پيپر ليڪ معاملي تي شروع ٿيل تحريڪ ۾ حڪومت جي پهرين وڪيٽ ڪِري پئي آهي، پر هي تحريڪ هتي ختم نه ٿيندي، هي ته رڳو شروعات آهي.
اڀيجيت ديپڪي احتجاج ۾ شرڪت ڪندڙن ۽ تحريڪ جي حمايت ڪندڙن جا ٿورا مڃيندي چيو” هن تحريڪ کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ توهان سڀني جي مهرباني، توهان پوليس جون لٺيون، ڳوڙها آڻيندڙ گيس ۽ تشدد برداشت ڪيو، پر پنهنجي ارادن تي ثابت قدم رهيا، ان لاءِ اوهان سڀني جا ٿورائتا آهيون.“
ان کانپوءِ ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ اڀيجيت ديپڪي چيو” هي تحريڪ اڃا ختم ناهي ٿي.“
ديپڪي مطالبو ڪيو ته داخلا امتحان رد ٿيڻ کانپوءِ آپگهات ڪندڙ شاگردن جي وارثن کي مناسب معاوضو ڏنو وڃي ۽ واضح ڪيو ته سندن تنظيم ان مطالبي تان هرگز هٿ نه کڻندي.
هن 20 جولاءِ تي پارليامينٽ ڏانهن مارچ ڪندڙ هزارين سي جي پي حامين خلاف ڪارروائي دوران پوليس تي مظاهرين خلاف ضرورت کان وڌيڪ طاقت استعمال ڪرڻ جو الزام به ورجايو ۽ لاڳاپيل پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو.
ياد رهي ته پيپر ليڪ معاملي تي نئين دهلي جي جنتر منتر تي اٽڪل ٻن مهينن کان احتجاج جاري هو، جنهن دوران پوليس مظاهرين تي لاٺبازي، واٽر ڪينن جو استعمال پڻ ڪيو، جڏهن ته ڪيترن ئي احتجاج ڪندڙن کي گرفتار به ڪيو ويو هو.

You might also like