تهران(ويب ڊيسڪ) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي شنگهائي سهڪار تنظيم ( ايس سِي او) جي رڪن ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس جي موقعي تي روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف سان ملاقات ڪئي.
جمعي ڏينهن ڪرغزستان ۾ ٿيل ملاقات دوران عباس عراقچي آبناءِ هرمز ۾ پيدا ٿيل غير محفوظ صورتحال کي آمريڪا جو واعدي تان وڃڻ جو سڌو نتيجو قرار ڏنو.
عباس عراقچي چيو ته ايران جيئن سفارتڪاري جي ميدان ۾ سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو آهي، تيئن ئي هو پنهنجي قومي مفادن ۽ سلامتي جي تحفظ لاءِ به پُرعزم آهي ۽ آمريڪا طرفان آبناءِ هرمز کي استعمال ڪندي ايران جي قومي سلامتي کي خطري ۾ وجهڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي ناڪام بڻائيندو.
ايراني پرڏيهي وزير اهو به ٻڌايو ته هن گذريل ڏينهن مصر ۽ عمان جي پرڏيهي وزيرن سان به ٽيليفون تي رابطو ڪري علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
ايراني پرڏيهي وزير جي روسي هم منصب سان ملاقات، قومي سلامتي ۽ علائقائي صورتحال تي ڳالهيون
You might also like