حوثين جو سعودي عرب جي شهر جازان تي ميزائل حملو

رياض (ويب ڊيسڪ) يمن جي حوثي باغين سعودي عرب جي شهر جازان تي ميزائل حملي جي دعويٰ ڪئي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، سعودي سول ڊفينس جو چوڻ آهي ته جازان ۽ ينبع ۾ خطرو ٽري ويو آهي، جڏهن ته شهرين کي پنهنجي حفاظت لاءِ جاري ڪيل هدايتن تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
سعودي ميڊيا جي ڪنهن به چينل يا نيوز پليٽ فارم حوثين جي حملي جي تصديق يا حملي جي نوعيت بابت ڪا به ڄاڻ جاري ناهي ڪئي، پر جازان صوبي ۾ قومي وارننگ پليٽ فارم ذريعي امڪاني خطري بابت الرٽ جاري ڪيو ويو هو.

You might also like