لاهور (ويب ڊيسڪ) برساتن سبب چناب درياهه جي ٽن هنڌن، خانڪي، قادرآباد ۽ چنيوٽ وٽ وچولي درجي جي ٻوڏ رڪارڊ ڪئي پئي وڃي.
فلڊ فورڪاسٽنگ ڊويزن موجب، قادرآباد بئراج تي پاڻيءَ جو وهڪرو هڪ لک 88 هزار ڪيوسڪ، خانڪي وٽ هڪ لک 92 هزار ڪيوسڪ، جڏهن ته چنيوٽ وٽ هڪ لک 70 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
ٻئي پاسي سنڌ درياهه به پاڻيءَ جي سطح ۾ واڌ ڏٺي وئي آهي، جڏهن ته چشما بئراج تي پاڻيءَ جو وهڪرو 3 لک 50 هزار ڪيوسڪ، ڪالا باغ وٽ 3 لک 33 هزار ڪيوسڪ ۽ تونسا بئراج تي 3 لک 13 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.
هوڏانهن راوي ۽ ستلج درياهه ۾ اڃا به گهٽ درجي واري ٻوڏ واري صورتحال برقرار آهي.
ان کانسواءِ بلوڪي وٽ 87 هزار ڪيوسڪ ۽ سڌنائي وٽ 53 هزار ڪيوسڪ پاڻيءَ جو وهڪرو رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته تربيلا ۽ منگلا ڊيم ۾ پاڻيءَ جي سطح وڌيڪ بلند ٿي وئي آهي.
You might also like