صبح هو گئي مامون“ ڌرميندر پرڌان جي استعيفيٰ کانپوءِ سِي جَي پِي اڳواڻ جو مودي کي پيغام

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڪاڪروچ جنتا پارٽي (سي جي پي) جي اڳواڻ اڀيجيت ديپڪي ڀارتي تعليم واري وزير ڌرميندر پرڌان جي استعيفيٰ تي ردعمل ڏيندي وزيراعظم نريندر مودي کي مخاطب ڪري چيو ته ”صبح هو گئي مامون.“
سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿيندڙ وڊيو ۾ اڀيجيت ديپڪي چيو، ”مودي جي! صبح ٿي وئي مامون، ڀارت ۾ جمهوريت جي صبح ٿي وئي آهي.“
هن چيو ته نيٽ پيپر ليڪ معاملي تي شروع ٿيل تحريڪ ۾ حڪومت جي پهرين وڪيٽ ڪري پئي آهي، پر هي تحريڪ هتي ختم نه ٿيندي، هي ته رڳو شروعات آهي.
اڀيجيت ديپڪي احتجاج ۾ شرڪت ڪندڙن ۽ تحريڪ جي حمايت ڪندڙن جا ٿورا مڃيندي چيو ته ”هن تحريڪ کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ توهان سڀني جي مهرباني، توهان پوليس جون لٺيون، ڳوڙها آڻيندڙ گيس ۽ تشدد برداشت ڪيو، پر پنهنجي ارادن تي ثابت قدم رهيا، ان لاءِ اوهان سڀني جا ٿورائتا آهيون.“
واضح رهي ته پيپر ليڪ معاملي تي نئين دهلي جي جنتر منتر تي لڳ ڀڳ ٻن مهينن کان احتجاج جاري هو، جنهن دوران پوليس مظاهرين تي لاٺبازي۽ واٽر ڪينن جو استعمال پڻ ڪيو، جڏهن ته ڪيترن ئي احتجاج ڪندڙن کي گرفتار به ڪيو ويو هو.

You might also like