نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ اين اِي اِي ٽِي (نِيٽ) امتحان جي پيپر ليڪ معاملي تي اٽڪل ٻن مهينن کان جاري شاگردن جي احتجاجي تحريڪ کانپوءِ تعليم واري وزير ڌرميندر پرڌان پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيي، جيڪا وزيراعظم نريندر مودي فوري طور قبول ڪري ورتي.
ڌرميندر پرڌان سوشل ميڊيا تي پنهنجي استعيفيٰ جو اعلان ڪندي چيو ته هو گذريل چئن ڏهاڪن کان تعليم ۽ شاگردن جي بهتري لاءِ ڪم ڪندو رهيو آهي ۽ مضبوط تعليمي نظام کي مضبوط قوم جي بنياد سمجهي ٿو.
هن چيو ته مئي 2026ع ۾ ٿيل نِيٽ امتحان ۾ بي ضابطگيون سامهون اچڻ کانپوءِ حڪومت ترت معاملي جي جاچ سي بي آءِ حوالي ڪئي، امتحان رد ڪيو ويو ۽ ٻيهر امتحان وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
هن چيو ته حڪومت جي ڪوشش رهي ته ڪنهن به قابل شاگرد جو مستقبل امتحاني مافيا سبب متاثر نه ٿئي ۽ ڪنهن سان به ناانصافي نه ڪئي وڃي.
ڌرميندر پرڌان موجب، 16 جولاءِ تي جاري ڪيل امتحاني نتيجا اطمينان جوڳا رهيا، پر ان باوجود ڪجهه ماڻهن نوجوانن کي ورغلائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي کيس ڏک رسيو.
ڌرميندر پرڌان چيو ته نوجوان ملڪ جو مستقبل آهن، هو نٿو چاهي ته ملڪ ۾ پيدا ٿيل صورتحال مان ملڪ دشمن قوتون فائدو وٺن يا ڪنهن به شاگرد جو مستقبل قانوني پيچيدگين جو شڪار ٿئي، تنهن ڪري هن وزيراعظم کي پنهنجو استعيفيٰ موڪلي ڇڏي آهي.
ٻئي پاسي احتجاج ڪندڙ تنظيم ”ڪاڪروچ جنتا پارٽي“ جي ترجمان دعويٰ ڪئي آهي ته حڪومت سندن مطالبا لکت ۾ مڃي ورتا آهن، جنهن کانپوءِ هو احتجاج ختم ڪندا، جڏهن ته آچر تي سڄي ملڪ ۾ پرامن مشعل بردار ريليون پڻ ڪڍيون وينديون.
واضح رهي ته پيپر ليڪ معاملي تي نئين دهلي جي جنتر منتر تي لڳ ڀڳ ٻن مهينن کان احتجاج جاري هو، جنهن دوران پوليس مظاهرين تي لاٺبازي۽ واٽر ڪينن جو استعمال پڻ ڪيو، جڏهن ته ڪيترن ئي احتجاج ڪندڙن کي گرفتار به ڪيو ويو هو.
”انقلاب زنده باد“ نوجوانن مودي سرڪار کي جُهڪائي ڇڏيو، ڀارتي تعليم واري وزير ڌرميندر پرڌان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي
You might also like