سنڌ جي صحت کاتي واري وزير عذرا پيچوهو تازو ئي هڪڙو شاهي فرمان جاري ڪيو آهي. هو صاحبه پاڻ ته ايئر ڪنڊيشن گهرن، گاڏين ۽ بنگلن ۾ رهي ٿي، هر سک عيش عياشي ۽ مسرت اٿس پر سنڌ جي هزارين غريب مسڪين، پنهنجي حقن کان 32 سالن کان هن جي سرڪار سڳوري طرفان ئي محروم بڻايل گرمين، لڪن، ۽ ٿڌن ۾ پنهنجي ڊيوٽي سرانجام ڏيندڙ ليڊي هيلٿ ورڪرز لاءِ فرمائي ٿي ته ليڊي هيلٿ ورڪرز منهنجي ترجيح ناهن.
اها ڳالهه هي صاحبه درست فرمائي ٿي. آخر ليڊي هيلٿ ورڪرز هنن ترجيح هجن به ڇو؟ ليڊي هيلٿ ورڪرز ڪي ڪرپٽ ڪامورا ۽ وڏيرا جاگيردار ناهن جيڪي هنن جي سرڪار سنڀالي هلن، ليڊي هيلٿ ورڪرز ته سنڌ جي ڪروڙين بي پهچ ماڻهن جو سهارو آهن، اهي ميڊم عذرا پيچوهو جي ترجيح واقعي به ڇو هجن؟ اها عذرا پيچوهو جي ڳالهه درست آهي ته ليڊي هيلٿ ورڪرز هنن جي ترجيح ناھن، هزارين ليڊي هيلٿ ورڪرز اڄ به جنسي هراسمينٽ جو شڪار آهن، انهن سان انصاف نٿو ٿئي، واقعي به ليڊي هيلٿ ورڪرز پيپلزپارٽي سرڪار جي ترجيح ناهن، جيڪڏهن ليڊي هيلٿ ورڪرز ترجيح هجن ها ته اهي ائين بي دردي سان نه ڪسجن ها. مريضن جو درد ميڊم عذرا کي ٿوري ئي آهي، مريضن جو درد ته اصل ليڊي هيلٿ ورڪرز کي آهي، جيڪي مريضن لاءِ هر وقت پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي ڊيوٽي ڪن ٿيون، مريضن جي حقيقي واهر ته ليڊي هيلٿ ورڪرز ڪن ٿيون نه ڪي ميڊم عذرا.
ميڊم عذرا جو تازو بيان ته ”ليڊي هيلٿ ورڪرز منهنجي ترجيح ناهن، مريض منهنجي ترجيح آهن“، اهو دراصل سنڌ جي صحت کاتي جي پاليسين ۽ سوچ جو آئينو آهي. اهو بيان ٻڌڻ کان پوءِ سوال پيدا ٿئي ٿو ته آخر مريضن تائين صحت جون بنيادي خدمتون ڪير پهچائي ٿو؟ ڇا ليڊي هيلٿ ورڪرز کان سواءِ بنيادي صحت جو نظام هلي سگهي ٿو؟ ليڊي هيلٿ ورڪرز پروگرام 1994ع ۾ شروع ٿيو. ان وقت کان وٺي لکين عورتن ۽ ٻارن تائين صحت جون بنيادي سهولتون پهچائڻ، پوليو مهم، حفاظتي ٽڪا، خانداني منصوبابندي، ماءُ ۽ ٻار جي صحت، غذائيت ۽ ٻين قومي صحت پروگرامن جي ڪاميابيءَ جو وڏو بار ليڊي هيلٿ ورڪرز پنهنجن ڪلهن تي کنيو آهي. اهي اهڙن علائقن تائين پهتيون آهن، جتي ڪڏهن ڊاڪٽر يا صحت جون ٻيون سهولتون به موجود نه رهيون آهن.
ٽن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود انهن عورتن کي اڄ به پنهنجي بنيادي حقن لاءِ احتجاج ڪرڻو پوي ٿو. سروس اسٽرڪچر، 1994ع کان سينيارٽي، پروموشن، روزگار جو تحفظ، پگهارن ۽ ٻين قانوني حقن لاءِ بار بار ڌرڻا، بک هڙتالون ۽ احتجاج ڪرڻا پون ٿا. افسوس اهو آهي ته هر ڀيري واعدا ٿين ٿا، پر مسئلا ساڳي جاءِ تي بيٺل آهن.پيپلزپارٽي پاڻ کي هميشه مزدورن، پورهيتن ۽ عورتن جي حقن جي علمبردار جماعت سڏائيندي رهي آهي. پر سنڌ ۾ مسلسل حڪومت ڪرڻ باوجود جيڪڏهن ليڊي هيلٿ ورڪرز جا بنيادي مسئلا حل نه ٿي سگهيا آهن، ته پوءِ انهن دعوائن جي حقيقت تي سوال ضرور اڀرن ٿا. جيڪڏهن 1994ع کان خدمتون سرانجام ڏيندڙ عورتون اڄ به پنهنجن حقن لاءِ روڊن تي ويهڻ تي مجبور آهن، ته اها رڳو انتظامي ناڪامي نه، پر سياسي ناڪامي به آهي.
وڌيڪ افسوس ان ڳالهه جو آهي ته جڏهن هزارين ليڊي هيلٿ ورڪرز پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيون هيون، تڏهن ڪجهه نمائندن احتجاج ختم ڪري حڪومت جي واکاڻ ڪئي. هر نمائندي کي پنهنجي فيصلي جو حق آهي، پر جڏهن اڪثريت جا بنيادي مطالبا اڃا تائين حل نه ٿيا هجن، تڏهن اهڙا قدم ڪيترين ئي ورڪرز ۾ بي اعتمادي ۽ مايوسي پيدا ڪن ٿا. ڪنهن به مزدور تحريڪ جي طاقت ان جي اتحاد، ثابت قدمي ۽ اجتماعي مفادن ۾ هوندي آهي. جيڪڏهن حڪومت جو چوڻ آهي ته مريض ترجيح آهن، ته پوءِ حڪومت کي اهو به مڃڻو پوندو ته مريضن تائين پهچندڙ پهرين ڪڙي ليڊي هيلٿ ورڪرز آهن. جيڪي عورتون گهر گهر وڃي ماڻهن کي علاج، بچاءُ ۽ آگاهي جون خدمتون ڏين ٿيون، انهن کي نظرانداز ڪري صحت جي نظام کي مضبوط نٿو بڻائي سگهجي.
هاڻي وقت اچي ويو آهي ته حڪومت بيانن بدران عملي قدم کڻي. 1994ع کان خدمتون سرانجام ڏيندڙ ليڊي هيلٿ ورڪرز کي سندن جائز حق ڏنا وڃن، مڪمل سروس اسٽرڪچر، سينيارٽي، پروموشن، روزگار جو تحفظ ۽ باعزت حيثيت فراهم ڪئي وڃي. جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ "عوام دوست” ۽ "پورهيت دوست” هجڻ جا سياسي نعرا عوام لاءِ بي معنيٰ بڻجي ويندا. ليڊي هيلٿ ورڪرز ڪو بار ناهن؛ اهي سنڌ جي بنيادي صحت واري نظام جو سڀ کان مضبوط ستون آهن. جيڪو حڪومت هن ستون کي ڪمزور ڪندي، اهو عوام جي صحت کي به ڪمزور ڪندو.