ميلبورن (ويب ڊيسڪ) ڪرڪيٽ آسٽريليا (سي اي) جي چيف ايگزيڪيوٽو ٽوڊ گرينبرگ چيو آهي ته ڀارت ۾ ايشز ٽيسٽ ميچ ڪرائڻ واري تجويز تي غور ڪرڻ ۾ ڪا به هٻڪ ناهي.
بي بي سي جي اسٽمپڊ پوڊڪاسٽ سان ڳالهائيندي ٽوڊ گرينبرگ چيو ته في الحال اهڙو ڪو منصوبو موجود ناهي، پر ڪرڪيٽ جي ترقي لاءِ هر ممڪن آپشن تي غور ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ (اي سي بي) ۽ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) سان ڪرڪيٽ آسٽريليا جا لاڳاپا انتهائي مضبوط آهن، جڏهن ته ڀارت ۾ وڌيڪ ڪرڪيٽ ايونٽس ڪرائڻ جا موقعا به موجود آهن.
ٽوڊ گرينبرگ موجب، آسٽريليا، انگلينڊ ۽ ڀارت وچ ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽ اڃا تائين تمام مضبوط آهي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪرڪيٽ آسٽريليا ۽ بي سي سي آءِ گڏيل طور تصديق ڪئي هئي ته بگ بيش ليگ (بي بي ايل) پهريون ڀيرو هن سال ڀارت ۾ کيڏي ويندي.
آسٽريلوي ٽورنامينٽ جي افتتاحي ميچ چنائي جي ايم اي چدمبرم اسٽيڊيم ۾ ميلبورن رينيگيڊز ۽ پرٿ اسڪارچرز وچ ۾ ٿيندي.
ٽوڊ گرينبرگ اعتراف ڪيو ته عالمي ڪرڪيٽ جو مصروف شيڊيول، آءِ سي سي ٽورنامينٽن، فرنچائز ليگز ۽ ٻطرفي سيريزن سبب ڪنهن به واڌو ميچ جي رٿابندي کي ڏکيو بڻائي ٿو.
You might also like