ڪاڪروچ تحريڪ: جنتر منتر مان اڀرندڙ نئون آواز

ڊاڪٽر اصغر دشتي

ڊاڪٽر اصغر دشتي بظاهر  هڪ معمولي احتجاج کي وسيع سماجي، سياسي ۽ فڪري تناظر ۾ ڏسڻ جي قابلِ قدر ڪوشش ڪئي آهي. هن مضمون جي خاص خوبي اها آهي ته اهو رڳو هڪ واقعي جي خبر ڏيڻ تائين محدود نٿو رهي، پر ان جي پس منظر، علامتي پهلوئن ۽ نوجوانن جي نفسيات کي سمجهڻ جي دعوت ڏئي ٿو.

ڪارل مارڪس ۽ گرامشي جي نظرين جا حوالا پڙهندڙ کي ان ڳالهه تي غور ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿا ته تعليمي بحران، بيروزگاري، جمهوري آزادين ۽ نوجوانن جي وڌندڙ بيچيني جهڙا مسئلا هڪ ٻئي سان ڪيئن ڳنڍيل آهن. ڀلي پڙهندڙ ليکڪ جي سڀني نتيجن سان اتفاق نه به ڪري، پر هي تحرير اهم سوال اٿاري ٿي ۽ سنجيده فڪري بحث ۽ مڪالمو شروع ڪرڻ لاءِ هڪ مضبوط بنياد فراهم ڪري ٿي، جيڪا ڪنهن به معياري فڪري مضمون جي بنيادي خوبي هوندي آهي.

ڪارل مارڪس لکيو هو ته ماڻهو پنهنجي تاريخ پاڻ ٺاهين ٿا، پر اهي حالتون پاڻ ناهن چونڊيندا، بلڪه انهن حالتن ۾ جدوجهد ڪندا آهن جيڪي کين ورثي ۾ ملنديون آهن. ڀارت جي ڪاڪروچ تحريڪ به ان حقيقت جي ياد ڏياري ٿي ته نئون نسل پنهنجي پيدا ڪيل بحران ۾ نه، پر اهڙي سماجي ۽ معاشي نظام خلاف احتجاج ڪري رهيو آهي، جيڪو اندر ئي اندر ڪمزور ٿي چڪو آهي. سوال اهو آهي ته ڇا ڪاڪروچ تحريڪ رڳو نوجوانن جو هڪ غيرمعمولي احتجاج آهي، يا اها ڀارت ۾ جنم وٺندڙ نئين سياسي ٻولي، نئين سماجي شعور ۽ نئين دور جي علامت بڻجي چڪي آهي؟ ڪاڪروچ جنتا پارٽي جي تحريڪ جي شروعات بنيادي طور ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا لاءِ ٿيندڙ قومي امتحان (نيشنل انٽرنس ٽيسٽ) جا پرچا ليڪ ٿيڻ، امتحان رد ٿيڻ ۽ ڪيترن ئي شاگردن جي خودڪشين کانپوءِ پيدا ٿيل عوامي ڪاوڙ مان ٿي. پر ان جي پسمنظر ۾ رياست ۽ شهري، معيشت ۽ روزگار، تعليم ۽ انصاف، جمهوريت ۽ اختلافِ راءِ، ترقي ۽ عدم مساوات  ۽ نوجوانن جي اميدن ۽ حقيقتن وچ ۾ وڌندڙ تضاد به موجود آهن.

پهرين نظر ۾ "ڪاڪروچ” نالو مزاحيه لڳي ٿو. آخر ڪو پاڻ کي ڪاڪروچ ڇو سڏائيندو؟ پر سياست ۾ علامتون ڪڏهن به بي معنيٰ ناهن هونديون. اهو نالو تڏهن سامهون آيو، جڏهن ڀارتي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس پنهنجي هڪ تڪراري ريمارڪس ۾ بيروزگار نوجوانن لاءِ "ڪاڪروچ” جو لفظ استعمال ڪيو. نوجوانن ان توهين آميز لفظ کي پنهنجي مزاحمت ۽ سياسي سڃاڻپ جي علامت بڻائي ڇڏيو، ۽ اهڙي طرح هڪ تضحيڪ ڀريو لفظ احتجاجي تحريڪ جي استعارو بڻجي ويو. اطالوي مفڪر انتونيو گرامشي موجب، جڏهن پراڻو نظام پنهنجي اخلاقي حيثيت وڃائڻ لڳندو آهي ۽ نئون نظام اڃا مڪمل طور جنم نه وٺندو آهي، تڏهن سماج "نامياتي بحران” (Organic Crisis) ۾ داخل ٿيندو آهي.

تاريخ ٻڌائي ٿي ته وڏيون تحريڪون اوچتو پيدا ناهن ٿينديون، پر پنهنجي دور جي وڏن تضادن مان جنم وٺنديون آهن. ڪاڪروچ تحريڪ کي به انهيءَ تناظر ۾ سمجهڻ گهرجي. اها صرف امتحاني پرچا ليڪ ٿيڻ جو ردعمل نه، پر اڄ جي ڀارتي سماج ۾ وڌندڙ سياسي، سماجي ۽ معاشي تضادن جو اظهار پڻ آهي.

هڪ پاسي تيز معاشي ترقي، ڊجيٽل انقلاب، مصنوعي ذهانت ۽ عالمي طاقت بڻجڻ جون دعوائون آهن، ته ٻئي پاسي وڌندڙ بيروزگاري، غيريقيني روزگار، نجڪاري، تعليمي عدم مساوات ۽ نوجوانن ۾ مستقبل بابت مايوسي وڌندي پئي وڃي. هڪ پاسي ميرٽ ۽ برابر موقعن جون ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون، ته ٻئي پاسي امتحاني بي ضابطگيون ۽ وسيلن تائين غيربرابر رسائي موجود آهي. هڪ طرف جمهوريت ۽ شهري آزاديءَ جون دعوائون آهن، ته ٻئي طرف اختلافِ راءِ ۽ احتجاج تي وڌندڙ پابنديون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. اهي سڀ سرمائيداراڻي ترقي واري ماڊل جا تضاد آهن، جنهن ۾ دولت ته ڪجهه هٿن ۾ گڏ ٿيندي پئي وڃي، پر تعليم يافته نوجوانن جو وڏو طبقو بيروزگاري، عدم تحفظ ۽ سماجي محرومي جو شڪار بڻجي رهيو آهي. هن تحريڪ جي پاڙ ۾ نوجوانن جو پنهنجي مستقبل تان اعتماد ختم ٿيڻ پڻ شامل آهي. جيڪڏهن تعليم روزگار، عزت ۽ سماجي ترقي جي ضمانت نه رهي، ته پوءِ نوجوان آخر ڪنهن تي ڀروسو ڪن؟

ڪنهن به سماجي تحريڪ کي سمجهڻ لاءِ ان جي طبقاتي جوڙجڪ کي سمجهڻ ضروري هوندو آهي. ڪاڪروچ تحريڪ جي قيادت ۽ ان سان لاڳاپيل نوجوان صنعتي مزدور طبقي سان نه، پر هيٺئين وچولي ۽ وچولي طبقي سان واسطو رکن ٿا، جيڪي سرڪاري نوڪرين، پروفيشنل تعليم (ميڊيڪل، انجنيئرنگ وغيره) ۽ ميرٽ ذريعي سماجي ترقي جا خواب ڏسن ٿا. هن تحريڪ ۾ ڳوٺن ۽ شهرن ٻنهي جا اهي شاگرد شامل آهن، جن جي خاندانن پنهنجي محدود آمدني، سڄي عمر جي بچت ۽ ڪيترين ئي حالتن ۾ قرض وٺي به سندن تعليم، ڪوچنگ سينٽرن ۽ داخلا امتحانن جي تياري تي خرچ ڪيو، انهيءَ اميد سان ته هو پروفيشنل ادارن ۾ داخلا وٺي پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي مستقبل کي بهتر بڻائي سگهندا. يعني هي اهڙو طبقو آهي، جيڪو سرمائيداراڻي معيشت جي پيداوار ته آهي، پر انهيءَ ئي نظام اندر پنهنجي لاءِ محفوظ، باوقار ۽ مستحڪم جاءِ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪامي جو شڪار آهي.

انهيءَ ڪري هي تحريڪ تعليمي انصاف جو سوال وڏي شدت سان اٿاري ٿي. ڇا هر نوجوان کي برابر موقعا حاصل آهن؟ ڇا امتحاني نظام شفاف ۽ قابل اعتماد آهي؟ ڀارت ۾ نوجوانن جو محنت، قابليت ۽ ايمانداري تي اعتماد متزلزل ٿي چڪو آهي. هن تحريڪ جو ٻيو اهم پاسو سوشل ميڊيا کان روڊن تائين مزاحمت جي منتقلي آهي. شروعات ۾ اها هڪ ڊجيٽل مهم هئي، پر ٿوري ئي وقت ۾ دهلي جي جنتر منتر تي هزارين نوجوانن جي احتجاج ۾ تبديل ٿي وئي. ايڪويهين صدي جي سياست ۾ اها تبديلي انتهائي اهميت رکي ٿي. هاڻي سياسي تنظيم صرف روايتي سياسي پارٽين وسيلي نه، پر ڊجيٽل نيٽ ورڪن، مختصر وڊيوز، طنزيه علامتن، ميمز ۽ هيش ٽيگس ذريعي به وجود ۾ اچي رهي آهي. "ڪاڪروچ” به انهيءَ نئين سياسي ٻولي جو حصو بڻجي چڪو آهي.

هر احتجاج سان گڏ هڪ اهم سوال به پيدا ٿيندو آهي: رياستي طاقت اختلافِ راءِ سان ڪيئن پيش اچي ٿي؟ جڏهن نوجوان روزگار، شفاف امتحاني نظام ۽ تعليمي انصاف جو مطالبو ڪن ٿا، ته ڇا رياست ساڻن ڳالهين جو رستو اختيار ڪري ٿي يا احتجاج کي طاقت سان دٻائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي؟ جديد جمهوريتن جو اصل امتحان چونڊون نه، پر اختلافِ راءِ سان سندن رويو هوندو آهي. جيڪڏهن هر احتجاج کي صرف قانون ۽ امن امان يا سيڪيورٽي جي نظر سان ڏٺو وڃي، ته مسئلا ختم ٿيڻ بدران وڌيڪ سنگين بڻجي ويندا آهن. ڪاڪروچ تحريڪ هڪ لحاظ کان ڀارت ۾ جمهوري احتجاج جي حق جو به امتحان بڻجي چڪي آهي. جمهوريت صرف ووٽ ڏيڻ جو نالو ناهي، پر سوال ڪرڻ، اختلاف ڪرڻ ۽ پرامن احتجاج ڪرڻ جو حق به ان جو لازمي حصو آهي. جيڪڏهن نوجوان پنهنجي مستقبل لاءِ آواز اٿارڻ کان خوفزده ٿي وڃن، ته جمهوريت پنهنجي اصل روح وڃائي ويهندي.

شايد هن تحريڪ جو سڀ کان اهم پاسو ڀارت ۾ نئين نسل جي سياسي سڃاڻپ جو اڀرڻ آهي. هي نسل روايتي سياسي نعرن بدران روزگار، تعليم، شفافيت، احتساب، عزت ۽ مستقبل جي سياست کي ترجيح ڏئي رهي آهي. ان جون ترجيحون مذهبي يا نسلي سڃاڻپ کان وڌيڪ سماجي انصاف ۽ برابر موقعن ڏانهن منتقل ٿينديون نظر اچن ٿيون. انهيءَ ڪري "ڪاڪروچ” جهڙي غيرروايتي علامت هڪ گهري سياسي استعارو بڻجي وئي آهي. اڃا اهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو ته ڪاڪروچ تحريڪ ڀارت جي سياست کي ڪيترو تبديل ڪندي، پر هڪ ڳالهه واضح آهي ته هن تحريڪ اهڙا بنيادي سوال اٿاريا آهن، جن کي نظرانداز ڪرڻ هاڻي آسان نه رهيو آهي. بيروزگاري، تعليمي انصاف، نوجوانن جي سياسي بيچيني، سوشل ميڊيا جي طاقت، رياستي ردعمل، جمهوري احتجاج جو حق ۽ نئين سياسي سڃاڻپ هاڻي هڪ ٻئي سان ڳنڍجي چڪا آهن.

ڪاڪروچ جنتا پارٽي جو اڀار ظاهر ڪري ٿو ته ڀارت جي نئين نسل پنهنجي مستقبل، عزت ۽ نمائندگي جي حق لاءِ هڪ نئين سماجي معاهدي جو مطالبو ڪري رهي آهي.شايد هن تحريڪ جو سڀ کان اهم سبق اهو به آهي ته نوجوانن جا گڏيل معاشي، تعليمي ۽ جمهوري مسئلا انهن مذهبي، نسلي، لساني، علائقائي ۽ ذات پات جي ورهاستن کان وڌيڪ اهم آهن، جن جي بنياد تي ڀارتي سماج ورهايل آهي. جيڪڏهن ڀارت جي نئين نسل انهن ورهاستن کان مٿانهون ٿي روزگار، تعليم، انصاف، برابر موقعن ۽ شهري حقن جهڙن گڏيل مطالبن تي وسيع اتحاد قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي، ته ان جي سياسي آواز يقيناً وڌيڪ مضبوط ۽ اثرائتي ثابت ٿي سگهي ٿي.

You might also like