ڪراچي (عوامي آواز نيوز) اڳوڻي ايم پي اي سردار شهريار شر جو پٽ جهانگير شر ڏهرڪي ويجهو هٿياربندن هٿان مبينا طوراغوا ٿيو، جنهن کي پوليس ڪجهه منٽن ۾ آزاد ڪرائي ورتو، جنهن تي سخت سماجي ردعمل سامهون آيو، سوشل ميڊيا واهپيدارن شهريار شر جي پٽ کي ڪجهه منٽن ۾ آزاد ڪرائڻ تي پوليس مٿان سخت تنقيد ڪندي سوال اٿاريا ته سردار جي پٽ کي پوليس ڪجهه منٽن ۾ آزاد ڪرائي ورتو ۽ سکر، ميهڙ ۽ ٻين شهرن مان اغوا ٿيل معصوم ٻار ڪيترن سالن کان اغوا ٿيل آهن پر انهن جو پتو ناهي پئجي سگهيو ۽ افسوس جي ڳالهه ته ٻٻرلوءِ ۾ ٻارڙن جي آزادي لاءِ احتجاج ڪندڙن ٻارڙن جي وارثن ۽ ٻين مٿان پوليس لٺبازي ڪري کين گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو، شهريار شر جو سوشل ميڊيا تي پڻ بيان وائرل ٿيو، جنهن ۾ هن چيو ته جهانگير کي پوليس بازياب ڪرايو، آءِ جي فون ڪري چيو هي تنهنجو پٽ نه منهنجو ٻچو آهي، ڪنهن شر ۾ ايتري جرئت ناهي جو منهنجو پٽ اغوا ڪري، شهريار شر جي بيان تي سوشل ميڊيا واهپيدارن چيو ته شهريار جو پٽ آءِ جي سنڌ جو پٽ آهي، باقي پريا ڪماري آءِ جي سنڌ جي نياڻي ناهي ڇا، سنڌ ۾ ٻٽو معيار هلي رهيو آهي، ڪراچي ۾ آڪاش ڪمار جي قتل ۾ ملوث 3 جوابدار مقابلي ۾ مارجي ويا پر سوال آهي ته کپرو ۾ ڦر مزاحمت دوران قتل ٿيل ڀيرو ڪولهي جي قاتلن کي ڪڏهن گرفتار ڪري فل فراءِ ڪيو ويندو.