حيدرآباد/حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻن عبدالقادر رانٽو، نور نبي پليجو ۽ مجيد ساگر پرهياڙ پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته معصوم پريا ڪماري، اجالا پروين سولنگي ۽ ٻين معصوم ٻارڙن جي بازيابيءَ لاءِ ٻٻرلوءِ وٽ لڳل پريا ڪماري ايڪشن ڪميٽي جي پرامن ڌرڻي تي پوليس رات جو چڙهائي ڪري، اڳواڻن کي روڊن تي گهلي بدترين تشدد جو نشانو بڻائي گرفتار ڪيو آهي ۽ زور زبردستي سان ڌرڻو ختم ڪرايو آهي، جنهن جي جيتري مذمت ڪجي اها گھٽ آهي. پيپلز پارٽي جا حڪمران پنهنجي اقتداري حوس ۽ سياسي مفادن کي پورو ڪرڻ لاءِ سنڌ کي غزا بڻائڻ بند ڪن. سنڌھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمرحيدرجتوئي ٻٻرلو ڌرڻي تي سکر ۽خيرپور پوليس اٽالن جي چڙھائي پريا ڪماري ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ سھڻي پارس سکر جي صحافي ساحل جوڳي مٿان تشدد ڪري گرفتار ڪرڻ انساني حقن جي لتاڙ ۽آزاد صحافت مٿان وار آھي گرفتارٿيلن کي آزاد ڪيووڃي هوڏانهن عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر سراج سيال ٻٻرلو ۽ حيدرآباد ۾ پرامن ڪارڪنن تي پوليسي تشدد ۽ گرفتارين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته رياست وارثن جي فرياد ٻڌڻ بدران جبر جو رستو اختيار ڪيو. گذريل رات دير سان ٻٻرلو جي احتجاجي ڪئمپ تي پوليس ڇاپو هنيو ۽ پريا ڪماري ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن لياقت جلباڻي، ميڊم سهڻي پارس ۽ ساحل جوڳي سميت ڪيترن ئي پرامن ڪارڪن کي گرفتار ڪري ڪئمپ لاهي ڇڏي. ڪارڪن تي سخت تشدد پڻ ڪيو ويو.هن چيو ته هڪ پاسي 24 بيگناهه ٻارڙا اڃا تائين لاپتا آهن ۽ ٻئي پاسي انصاف گهرندڙ مائرن ۽ ڪارڪن مٿان لٺيون وسايون پيون وڃن . اهو عمل حڪومت جي نااهلي ۽ انساني حقن جي کلي ڀڃڪڙي آهي،هن چيو ته فوري طور پريا ڪماري سميت 24 گم ٿيل ٻارڙن کي بازياب ڪري وارثن حوالي ڪيو وڃي. بيگناهه گرفتار ڪيل سمورن ڪارڪن ۽ اڳواڻن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاھ پنھنجي جاري ڪيل مذمتي بيان چيو ته ٻٻرلو باءِ پاس تي پريا ڪماري سميت ٻين اغوا ڪيل معصوم ٻارڙن جي آزادي لاءِ لڳل ڌرڻي جي ڪورج ڪرڻ دوران پريس ڪلب سکر جي صدر ۽ سينيئر صحافي ساحل جوڳي کي کنڀي گم ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ۽ سندس آزاديءَ جي گهُرَ ڪجي ٿي. سيد زين شاھ چيو ته پنهنجي پيارن جي آزاديءَ لاءِ آواز اٿارڻ ڏوهه بڻجي ويو آهي پر انهن جي ڪوريج ڪرڻ به پڻ ڏوهه بڻجي ويو آهي، هن چيو ته حڪومت اغوا ڪيل معصوم ٻارڙن جي متاثر وارثن کي اٿارڻ لاءِ هر طرح جي سازش ڪرڻ ۾ ملوث آهي پر ان دوران رات جي اونداهي ۾ صحافي ساحل جوڳي سميت ٻين مظلوم ماڻهن جي گمشدگي سنڌ حڪومت تي سواليه نشان آهي ۽ سنڌ حڪومت پنھنجي ناڪامي ۽ نااهلي لڪائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندي معاملن ۽ مسئلن کي دٻائڻ چاهي ٿي،هوڏانهن قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي پرامن ڌرڻا طاقت جي زورتي ختم ڪرائڻ ۽ احتجاج ڪندڙن جي گرفتاري جي سخت مذمت ڪجي ٿي سنڌ کي جبر جي ڌرتي نه بڻايو.هن چيو ته پريا ڪماري، اجالا پروين، فضيلا سرڪي سميت 20 کان وڌيڪ ٻار اغوا ٿيل آھن. سڄي سنڌ سراپا احتجاج ٿيڻ باوجود حڪمرانن مغوي ٻارن کي بازياب ڪرائڻ لاءِ تيار ناھن. مغوي ٻارن جا وارثن سميت سياسي، سماجي ماڻھو ۽ وڪيل ٻٻرلوءِ ۾ پرامن ڌرڻو ھڻي ويٺل ھئا، حڪومت انھن ماڻھن کي آٿت ڏيڻ بدران بي رحم تشدد جو نشانو بنايو ۽ گرفتاريون ڪري پيغام ڏنو آھي ته ھتي پنھنجي بنيادي حقن ۽ انصاف جي ڳالھه ڪرڻ ڏوهه آھي، ٻئي پاسي جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو،عزيزالله ڀٽو،نواز شاهه ڀاڏائي،غفار ميرجت،الاهي بخش چاچڙ،ذوالفقار بليدي،اياز سولنگي،رمضان سولنگي،ڪمال پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته سالن کان معصوم ٻار پريا ڪماري اجالا سولنگي سونيا کوسو نويد لاشاري ماجد لاشاري سميت ڪيترائي ٻار سرڪاري سرپرستي ۾ اغوا ٿيا آهن پر حڪومت پرامن احتجاجن تي دهشت وحشت جا سڀ طريقا استعمال ڪندي ٻٻر لوءِ جو ڌرڻو تشدد ذريعي ختم ڪرايو آهي بزرگ، صحافي ۽ سياسي سماجي ڪارڪنن کي پوليس اغوا ڪيو آهي هڪ طرف ٻار اغوا ڪيا ٿا وڃن ته ٻئي طرف پرامن احتجاج ڪندڙن شهرين کي سرڪار اغوا ڪري ٿي اها کلي دهشتگردي آهي جنهن جي مذمت ڪريون ٿا