ڇا ’ڪاڪروچ‘ گڏ ٿي نريندر مودي جي طاقتور ڪرسي لوڏي سگهن ٿا؟

ڀارت ۾ ’ڪاڪروچ جنتا پارٽي‘ جي نالي سان شروع ٿيل آن لائن مهم هاڻي باقاعده شاگردن جي احتجاجي تحريڪ جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي. ماهرن جو خيال آهي ته جيڪڏهن نريندر مودي جي حڪومت هاڻي به نوجوانن جي خدشن کي سنجيدگي سان نه وٺندي ۽ بنيادي سوالن جا جواب ڏيڻ کان پاسو ڪندي رهي، ته چونڊن ۾ وڏي ڪاميابي باوجود حڪومت کي سخت سياسي چئلينج کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. هن تحريڪ جي شروعات هن سال مئي ۾ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس سوريا ڪانت جي هڪ عدالتي ريمارڪس کان ٿي. هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران هن سوشل ميڊيا تي سرگرم پڙهيل لکيل نوجوانن کي "ڪاڪروچ ۽ جيت جڻا” قرار ڏنو. آمريڪا ۾ رهندڙ ڀارتي  نزاد شاگرد اڀيجيت ڊپڪي ان ريمارڪس تي ردعمل ڏيندي سوشل ميڊيا تي لکيو ته "جيڪڏهن سڀ ڪاڪروچ هڪ ڏينهن گڏ ٿي وڃن…”.

هي تبصرو تيزي سان مشهور ٿيو ۽ پوءِ سوشل ميڊيا تي نريندر مودي جي ڀارتيه جنتا پارٽي (بي جي پي) جي نالي تي طنزيه انداز ۾ "ڪاڪروچ جنتا پارٽي” ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويو. جيتوڻيڪ اهو اعلان چيف جسٽس جي ريمارڪس جي جواب ۾ مذاق طور ڪيو ويو هو، پر تعليمي مسئلن ۽ بيروزگاري کان تنگ آيل نوجوانن ۾ اهو نعرو غيرمعمولي مقبول ٿي ويو. ٿوري ئي وقت ۾ لکين نوجوان هن مهم سان وابسته ٿيڻ لڳا.شروعات ۾ گهڻن ماڻهن جو خيال هو ته اها رڳو سوشل ميڊيا جي مهم آهي، جنهن جو زميني حقيقتن سان ڪو واسطو ناهي، ۽ نوجوان عملي ميدان ۾ نڪري حڪومت لاءِ ڪو وڏو چئلينج پيدا نه ڪري سگهندا. پر گذريل ڪجهه ڏينهن جي واقعن اهي سڀ اندازا غلط ثابت ڪري ڇڏيا.

ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا لاءِ ٿيندڙ امتحان جو پرچو ليڪ ٿيڻ بعد امتحان رد ڪيو ويو ۽ شاگردن کي ٻيهر امتحان ڏيڻ لاءِ چيو ويو. ان تي ڪاڪروچ جنتا پارٽي جي بينر هيٺ نئين دهلي جي جنتر منتر تي هزارين شاگردن ڌرڻو هنيو ۽ احتجاج شروع ڪيو. شروعات ۾ تعليمي نظام جي ڪمزورين ۽ سرڪاري نااهلي خلاف آواز اٿاريو ويو، پر جلد ئي شاگردن تعليم واري وزير ڌرميندر پرڌان جي استعيفيٰ جو مطالبو به شروع ڪري ڇڏيو. پنهنجن مطالبن جي حق ۾ شاگردن بک هڙتال پڻ شروع ڪئي. ان احتجاج ۾ لداخ سان تعلق رکندڙ سماجي ڪارڪن ۽ تعليمي ماهر سونم وانگچڪ جي شرڪت وڏي توجهه جو سبب بڻي. هو نه رڳو احتجاجي ڪيمپ ۾ پهتو، پر بک هڙتال ڪندڙ پهرين ماڻهن ۾ شامل هو. سندس ساٿ ۾ ڇهن ٻين شاگردن به بک هڙتال شروع ڪئي.

ٽن هفتن کانپوءِ سونم وانگچڪ جي طبيعت خراب ٿيڻ تي کيس زبردستي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس علاج جاري هجڻ جي دعويٰ ڪئي وئي. پر شاگرد اڳواڻن جو چوڻ آهي ته کيس عملي طور حراست ۾ رکيو ويو آهي ۽ شاگردن جي حمايت سبب سندس مستقبل کي خطرو ٿي سگهي ٿو. ان ڪري هاڻي تحريڪ جو پهريون مطالبو سونم وانگچڪ کي اسپتال مان آزاد ڪرڻ آهي. ان سان گڏ تعليم واري وزير جي استعيفيٰ ۽ امتحاني دٻاءَ سبب خودڪشي ڪندڙ شاگردن جي وارثن کي مناسب معاوضو ڏيڻ جو مطالبو پڻ ڪيو پيو وڃي. ڪيترن ئي سياسي ۽ سماجي اڳواڻن جي اپيل تي شاگردن 22 ڏينهن بعد بک هڙتال ختم ڪئي، پر حڪومت جي خاموشي خلاف احتجاج جاري رکندي هزارين شاگرد جنتر منتر کان پارليامينٽ ڏانهن مارچ ڪرڻ لڳا. پوليس رستو روڪي ڳوڙها گيس ۽ لٺبازي ذريعي کين اڳتي وڌڻ نه ڏنو.دهلي پوليس جو چوڻ آهي ته مظاهرين پهرين پٿراءُ ڪيو، جنهن سبب 118 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا، جڏهن ته پوليس ڪارروائي دوران 70 مظاهرين کي گرفتار ڪيو ويو. پوليس تشدد خلاف ملڪ ۾ سخت ردعمل ڏسڻ ۾ آيو. سياسي اڳواڻن ۽ انساني حقن جي تنظيمن حڪومت جي رويي کي شرمناڪ قرار ڏنو.

ايمنسٽي انٽرنيشنل پڻ احتجاج ڪندڙن تي لٺبازي ۽ ڳوڙها گيس جي استعمال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته ڀارت ۾ پرامن احتجاج جي آواز کي دٻايو پيو وڃي ۽ مظاهرين خلاف غيرمتناسب طاقت استعمال ڪئي وئي آهي. اداري موجب اختيارين ميٽرو سروس ۽ موبائل انٽرنيٽ بند ڪري پرامن اجتماع جي حق تي وڌيڪ پابنديون لاڳو ڪيون. لوڪ سڀا ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ راهول گانڌي سوال ڪيو ته وزيراعظم نريندر مودي هن معاملي تي خاموش ڇو آهن؟ هن چيو ته مودي کي شاگردن کان معافي وٺڻ گهرجي ۽ تشدد بند ڪرڻ گهرجي. عام آدمي پارٽي جي اڳواڻ اروند ڪيجريوال پڻ چيو ته شاگردن سان ٿيل ورتاءُ انتهائي شرمناڪ آهي. پوليس ڪارروائي جي ٻئي ڏينهن به هزارين نوجوان ٻيهر دهلي ۾ گڏ ٿيا. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته هو تعليمي ۽ امتحاني نظام ۾ سڌارن تائين پنهنجو احتجاج جاري رکندا. پوليس جي تشدد سبب هن تحريڪ کي وڌيڪ عوامي حمايت ملي آهي.

شاگردن سان همدردي طور راهول گانڌي ۽ سندس ڀيڻ پريانڪا گانڌي وزيراعظم هائوس ٻاهران احتجاج ڪيو، پر پوليس کين ٻين اڳواڻن سميت گرفتار ڪري ورتو، جن کي رات دير سان آزاد ڪيو ويو. احتجاج شروع ٿيڻ کان ٽي هفتا پوءِ ۽ پوليس تشدد کان ٽي ڏينهن بعد وزيراعظم نريندر مودي ميڊيڪل امتحان جو پرچو ليڪ ٿيڻ تي افسوس ظاهر ڪندي ذميوارن خلاف ڪارروائي جو واعدو ڪيو. تعليم واري وزير ڌرميندر پرڌان به چيو ته حڪومت نوجوانن جي خدشن کي دور ڪرڻ ۽ امتحاني نظام ۾ سڌارا آڻڻ لاءِ پرعزم آهي. تنهن هوندي به ڪيترن تجزيه نگارن جو خيال آهي ته حڪومت جا اهي بيان رڳو سياسي دٻاءُ گهٽائڻ جي ڪوشش آهن ۽ حڪومت اڃا تائين نوجوانن ۾ وڌندڙ بيچيني کي صحيح نموني سمجهي نه سگهي آهي.

هاڻي "ڪاڪروچ” لفظ تي ٻڌل هي طنزيه مهم صرف تعليمي مسئلن تائين محدود نه رهي آهي، پر بيروزگاري، سماجي بيچيني ۽ نوجوانن جي مايوسي جي طاقتور علامت بڻجي چڪي آهي. سياسي تجزيه نگارن موجب، پنهنجي 12 سالن جي اقتدار دوران نريندر مودي کي پهريون ڀيرو اهڙي وسيع عوامي احتجاج کي منهن ڏيڻو پيو آهي، جيڪو اڳتي هلي وڌيڪ شدت اختيار ڪري سگهي ٿو. جيڪو جملو شروعات ۾ مذاق طور چيو ويو هو، اهو هاڻي ڀارتي سياست جي اهڙي حقيقت بڻجي ويو آهي، جيڪا نريندر مودي جي طاقتور ڪرسي کي به لوڏي سگهي ٿي. لڳي ٿو ته ملڪ جا سڀ "ڪاڪروچ” هاڻي واقعي گڏ ٿي رهيا آهن.

You might also like